روشن علي تنيو

روشن علي تنيو

روشن علي تنيو

روشن علي تنيو: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار روشن علي تنيي، پهرين اپريل 1936ع تي ڳوٺ يارو ديري (لڳ وڳڻ)، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده قمبر شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم مقامي طور حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي ادب سان انس سبب ڪافي مطالعو ڪيائين. سماج ۾ ڪهاڻين کي سرجندو ڏسي، هن قلم کنيو. رهبر ڊائجسٽ ۽ ٻين رسالن ۾ ڪهاڻيون ڇپائڻ شروع ڪيائين. اڳتي هلي سندس اهڙن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جن کي خاص طور ٻهراڙيءَ جي ماحول تي بهترين ڪهاڻيون سرجڻ ۾ ڪمال حاصل آهي. سندس ڪهاڻين جو اسلوب شاندار آهي، هو موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان ڪهاڻين ۾ ٺيٺ ۽ برجستي ٻولي ڪتب آندي.
سندس پهرين ڪهاڻي 1952ع ۾ ’فردوس‘ رسالي ۾ شايع ٿي. ان دوران سندس لاڙو ڊرامن طرف ٿيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ڊراما به لکيا، جيڪي پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيا. سندس پي. ٽي. ويءَ جي مشهور ڊرامن ۾ آئينو، ورهاست، نازان ۽ ميڙ شامل آهن. سندس هڪ ناوليٽ رهبر ڊائجيسٽ 1968ع ۾ ڇپايو. سندس ٻيو ناوليٽ ’دل جي پٺيان‘ روزاني سنڌ اخبار ۾ قسطوار شايع ٿيو. غريب هجڻ سبب ڪتاب شايع ڪرائي نه سگھيو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’منڇر ٻڏي ويو‘ ڇپجي چڪو آهي. ان کانسواءِ سندس ٻين ڪتابن ۾ ’ميرن جو مقام‘ (ناول) ۽ ’وهانءُ‘ (ادبي ڊائري) قابلِ ذڪر آهن.
هي ناميارو ڪهاڻيڪار 9 جنوري 1997ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ روشن علي تنيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.01  عيسوي

سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار روشن علي تنيي، پهرين اپريل 1936ع تي ڳوٺ يارو ديري (لڳ وڳڻ)، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده قمبر شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو.


1997.01.09  عيسوي

هي ناميارو ڪهاڻيڪار 9 جنوري 1997ع تي وفات ڪري ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالقادر
حاجن شاهه هموطن سيتائي
امر جماڻي ڏيپلائي
عبدالحق مولوي
غلام محمد بلو
عقيل عباس جعفري
حبيب سنائي
محمد سومار شيخ
سنتداس پنهون مل ڪشناڻي
چرنداس سهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون