رشيد احمد لاشاري

رشيد احمد لاشاري

رشيد احمد لاشاري

رشيد احمد لاشاري: نامور شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد ولد خان لاشاري'>زرڪ خان لاشاري، 16 مئي 1922ع تي ڳوٺ ملگزار، تعلقي نصيرآباد، ضلعي سبي، بلوچستان ۾ جنم ورتو. هي اسڪول ملگزار ۾ چار درجا اردو پڙهيو. والد جي وفات تي سندس مامي حمزه خان ۽ چاچي عبدالعزيز خان سندس پرورش ڪئي. 1931ع ڌاري سندس وڏا لڏي ڪنڌڪوٽ سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1932ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. هن اسڪول سوڀي خان اوڳاهي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ماستر عاربي خان اوڳاهيءَ وٽ سنڌي پڙهي، 1936ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1937ع کان 1940ع تائين حضرت سلطان باهورح جي اولاد مان صاحبزادي فيض سلطان سان گڏ هن پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جو سير ڪيو ۽ زياده عرصو حضرت سلطان باهوءَ جي درٻار (شورڪوٽ، پنجاب) ۾ رهيو، اتان 1941ع کان عربي ۽ فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا عبدالحڪيم شڪارپوري، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ۽ مولانا فقير محمد ڪنڌڪوٽيءَ وٽان فارسي، ڪنز ۽ ڪافيه تائين عربي پڙهيو. 1944ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪيائين. زماني جي گردش سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف اسڪولن، جهڙوڪ: ڳڙهي خيرو جمالي، مدرسه نورالاسلام روهڙي، مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهي، پرائمري اسڪول کهڙا، فيض هاءِ اسڪول گنبٽ، پرئڪٽيسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۽ پرائمري اسڪول آسن مل ٽي. اوجها ڪراچيءَ ۾ ماستر ٿي رهيو. اپريل 1949ع کان شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي مٿس خاص نوازش ڪري ضلعي حيدرآباد لاءِ اٽينري اردو ٽيچر مقرر ڪيو، اتان ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو.
رشيد احمد لاشاري، پنجاب يونيورسٽيءَ مان اديب، فاضل (اردوءَ) جو امتحان 1947ع ۾ پاس ڪيو ۽ سن 1953ع ۾ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظرداريءَ هيٺ تيار ٿيندڙ سنڌي لغت اسڪيم ۾ عبدالڪريم سنديلي ۽ محمد بخش واصف سان گڏ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. 1956ع ۾ طويل بيماري ۽ ڪن ٻين اهم سببن ڪري نوڪري ڇڏي ڪراچي آيو ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون، مڪالما ۽ گيت لکڻ لڳو. انهن فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنهون، شهرو فيروز، چانڊوڪي، پنو عاقل (سنڌي)، هماري زبان اردو (اردو) ۽ نئين ڪرن (اردو) شامل آهن. انهيءَ عرصي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ به اسڪرپٽ رائيٽر ٿي رهيو. آخر 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، پر ڪن ڳالهين جي ڪري دل برداشته ٿي ڊسمبر 1959ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت کان الڳ ٿيڻو پيو. 1960ع کان کيس ادارده نئين زندگيءَ جي عملي ۾ شامل ڪيو ويو.
رشيد احمد لاشاري پنهنجي ٽهيءَ جو باڪمال شاعر هو. هي سنڌي، اردو، سرائيڪي، ملتاني، پنجابي، بلوچي، پشتو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو قلمي پورهيو ڪيو. کيس شاعريءَ ۾ خاص طور غزل، نظم، ڪافي، گيت، قومي نظم وغيره ۾ ڪمال حاصل هو. رشيد احمد لاشاري، سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست، فڪر وارن اديبن خلاف لکڻ ڪري انهن وٽ تڪراري رهيو. هن لطيفيات تي ڪافي ڪم ڪيو. رشيد احمد لاشاريءَ جا شعر و شاعريءَ ۾ استاد مولوي عبدالغني ’مهجور‘ شهدادڪوٽي ۽ حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي آهن.
نثر ۽ نظم ۾ رشيد احمد لاشاريءَ جا 30 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ’معلم اردو‘ (لسانيات: 1951ع)، (2) ’اردو اصول‘ (لسانيات: 1951ع)، (3) ’شــرح سُــر ڪـلـيـاڻ‘ (1954ع)، (4) شـرح سـر مومـل راڻــو، (5) شــرح ســر حـسيــنـي (1954ع)، (6) شــرح ســـر مـارئـــي (1960ع)، (7) ’تاريخ اسلام‘ (ٻه حصا: 1954ع)، (8) ’ڪليات گدا‘ (ترتيب: 1957ع)، (9) ’سچل جو سرائيڪي ڪلام‘ (ترتيب: 1958ع)، (10) ’مثنوي نل دمنيتي‘
(ناٽڪ: 1959ع)، (11) ’شاهه جون وايون‘ (1962ع)، (12) ’منتخب شاهه جــو رسـالــو‘ (1962ع)، (13) ’بلي شاهه جون ڪافيون‘ (ترتيب: 1962ع)، (14) ’يوسف زليخا‘ (قصو: 1964ع)، (15) ’محسن اعظم ۽ محسنين‘ (1964ع)، (16) ’حضرت سـلـطان باهو‘ (1964ع)، (17) ’سچل جو رسـالو‘ (ترتيب: 1965ع)، (18) ’روح لطيف‘، (19) ’شڪنتلا‘ (ناٽڪ)، (20) ’شاهه جون چونڊ ڪافيون‘، (21) ’شـــاهه عبـدالـلطـيــف‘، (22) ’بيــدل جـون چــونـڊ وايــون‘ (1961ع)، (23) ’لطيف باغ جو سير‘ (1952ع)، (24) ادب ڪي آڙ مين، (25) سنڌي اردو گائـيـــڊ (26) تـاريـــخ اسـلام (ٻه ڀاڱا)، (27) شــرح ســر ســــارنگ، (28) شرح سُر سسئي آبري، (29) شرح سر کنڀات، (30) رسالو خواجه غلام فريد شامل آهن.
سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’سوغاتِ رشيد‘ ۽ ’رياضِ رشيد‘ ڇپيل آهن.
رشيد لاشاري 19 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ رشيد احمد لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.05.16  عيسوي

نامور شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري، 16 مئي 1922ع تي ڳوٺ ملگزار، تعلقي نصيرآباد، ضلعي سبي، بلوچستان ۾ جنم ورتو.


1970.09.19  عيسوي

رشيد لاشاري 19 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
صالح فقير گوهري
ٺٽوي رضي الدين فدائي
ڀٽو حبيب الله
مير رضي الدين فدائي سبزواري
مشتاق بخاري
جيوت سنگهه صوفي
امر اقبال
پئبلو نرودا
آسي زميني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون