رشيده حجاب

رشيده حجاب

رشيده حجاب

رشيده حجاب: نامور اديبه، ڪهاڻيڪاره پروفيسر ڊاڪٽر رشيده حجاب جو اصل نالو رشيده ڌيءَ نور محمد مغل آهي. هن 31 آڪٽوبر 1943ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم کانپوءِ 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي ڪري 1969ع ۾ نباتات (Botany) جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. رشيده حجاب سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائنس جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهرين شاگردياڻي هئي.
ڊاڪٽر رشيده حجاب 1956ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ۽ اپريل 1956ع ۾ سندس پهريون افسانو ’بد صورت‘ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ هوءَ مسلسل لکندي رهي. هيءَ سنڌيءَ جي پهرين سائنس فڪشن رائيٽر آهي. هن وقت تائين سندسن افسانن جو ڪو ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، پوءِ به رشيده حجاب جي ادبي حيثيت کي وساري نه ٿو سگھجي.
جولاءِ 1992ع ۾ مارئي فورم رشيده حجاب کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور گولڊ ميڊل ڏنو ته ان موقعي تي شيخ اياز صدارتي تقرير ڪندي چيو ته: ”حجاب، سراپا حجاب آهي.“
سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ماحول جي عڪاسي گھٽ آهي، پر انهن ۾ هڪ آفاقيت آهي، جنهن کي پنهنجي ڪشش آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هيل تائين اوسر کي خيال ۾ رکجي ته انهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. (حوالو: هفتيوار شڪارپور، ناري اشاعت 13 جولاءِ 1992)
ڊاڪٽر رشيده حجاب سنڌي ادب کي 60 کان مٿي افسانا ڏنا، جن ۾ سندس فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. هوءَ خاص طور ڪردارن کي واضح ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي.
ڊاڪٽر رشيده حجاب علم نباتاب جي پروفيسر، زبيده گرلس ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز جي عهدن تي رهي چڪي آهي، هن انور راڄپر سان شادي ڪئي، تنهنڪري تعليمي دنيا ۾ رشيده مغل ۽ رشيده انور راڄپر سڏي وئي.


لفظ رشيده حجابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.10.31  عيسوي

نامور اديبه، ڪهاڻيڪاره پروفيسر ڊاڪٽر رشيده حجاب جو اصل نالو رشيده ڌيءَ نور محمد مغل آهي. هن 31 آڪٽوبر 1943ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حداد محمد علي
سنڌو ميراڻي
زاهده تاج ابڙو
پرم ابيچنداڻي
پدم راج شرما
رعنا شفيق
شاهنواز فقير نظاماڻي
رسول ميمڻ
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
نور الدين سرڪي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون