در محمد اوستو

در محمد اوستو

در محمد اوستو

در محمد اوستو (1916-1994): نامور سياستدان در محمد اوستو جيڪب آباد ضلعي بااثر زميندار خاندان مان هو. هن جو والد محمد حيات اوستو، پنهنجي وقت جو معتبر ۽ مقبول شخصيت هو، جنهن ٻيءَ مهاڀاري جنگ ۽ بيگاري ڪئنال جي کوٽائيءَ وقت اهم خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. در محمد اوستو 1916 ع ڌاري ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ ثانوي تعليم جيڪب آباد ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ شڪارپور جي چيلاسنگهه سيتل داس اڪيڊميءَ مان ڪيائين. هن عربي ۽ فارسيءَ جي ڪجهه تعليم مولانا محمد ايوب مهر کان ورتي. هن پيءُ جي وفات کان پوءِ اباڻي زمينداري سنڀالي. در محمد اوستو 1932ع ۾ ڳوٺ کان لڏي اچي جيڪب آباد ۾ ويٺو ۽ شهر جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. 1940ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. سڀ کان پهريائين پنهنجي ڳوٺ واري تڪ تان ڪائونسلر چونڊيو ۽ جڏهن ايوب خان ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت لاڳو ڪئي ته هي قومي سطح تي اُڀري آيو ۽ ملڪ جي 80 هزار ڪائونسلرن مان صدر ايوب خان جي حمايت سان هي به ڪائونسلر چونڊجي آيو. ان پليٽفارم تان هي پهرين ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن جو وفاقي وزير ٿيو. درمحمد اوستو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جيڪب آباد جو چيئرمئن به ٿي رهيو، جنهن دوران هن ضلعي اندر ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، جن ۾ ڪاليج هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول شامل آهن. هن ٽائون هال جيڪب آباد جو بنياد رکيو. 1970ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور چونڊجي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ محترم ذوالفقار علي ڀُٽي جي دعوت تي هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن کان پوءِ هو سڄو وقت ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس پارٽيءَ سان وفادار رهيو. کيس پهرين تعليم جي صوبائي وزارت ڏني وئي، جنهن کانپوءِ آبپاشي ۽ بجليءَ جو وزير ٿيو. هن جي وقت ۾ کيرٿر ڪئنال مان نڪرندڙ سيف الله مگسي واهه ۽ بيگاري ڪئنال مان نڪرندڙ ڪوريجا واهه کوليا ويا.
1983ع ۾ سندس فرزند الطاف حسين اوستو گذاري ويو، جنهن جي وفات هن کي جهوري وڌو ۽ هو سياسي سرگرمين ۾ پوئتي رهڻ لڳو.
هن 14 نومبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ نئورا (Nawra) ۾ دفنايو ويو.


لفظ در محمد اوستوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1994.11.14  عيسوي

نامور سياستدان در محمد اوستو 14 نومبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ نئورا (Nawra) ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
آڍو خان جتوئي
محمد عمر مڱريو پروفيسر
ديبلي ابو موسيٰ
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
حڪم بن عوانه الڪلبي
ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر
ابراهيم بن اڌم بلخي
آسر داس صوفي
صبيحه مغل ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون