خليفو عبدالحميد چانڊيو، حڪيم

خليفو عبدالحميد چانڊيو، حڪيم

خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم

خليفو عبدالحميد چانڊيو، حڪيم: ناليوارو محقق، اديب ۽ ’حڪيم‘ خليفو عبدالحميد ولد حڪيم خليفو عبدالمجيد چانڊيو، 02 ڊسمبر 1938ع تي ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد خليفي عبدالمجيد سميت سندس وڏا، نواب گهراڻي جا شاهي حڪيم ٿي رهيا آهن. 19 صـديءَ جـي سـردار نـواب ولـي محمد خان چانڊيي ’جنگي‘ کان ويندي نواب غيبي خان تائين کين هن گهراڻي جي نزديڪي محبت حاصل رهي آهي. خليفي عبدالحميد کي حڪمت پنهنجي والد کان ورثي طور مليل آهي. هن حڪمت جي تعليم پنهنجي والد محترم کان ورتي. تاريخ سهيڙڻ ۾ سندس خاص دلچسپي رهي آهي. سندس پهريون ڪتاب ’سنڌ جو اُتر ڪاڇو‘ 2000ع ۾ شفا خانه، حڪيم عبدالحميد خان ماڏي تعلقي ميهڙ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ هن چانڊڪي پرڳڻي جي تاريخ، قديم آثارن، ماڳن مڪانن ۽ شخصيتن کي سهيڙيو آهي. جڏهن ته هن جو ٻيو ڪتاب ’نواب غيبي خان چانڊيي‘ جي سوانح بابت جامع تحقيق تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب 2006ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب کي ليکڪ تيرهن بابن ۾ ورهايو آهي. عبدالحميد چانڊيي جا ٻئي ڪتاب نهايت ئي ڪارائتا ۽ تحقيقي حوالي سان هڪ تاريخي دستاويز آهن. عبدالحميد چانڊيي جا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام رباني آگري ۽ ٻين علمي شخصيتن سان گهرا تعلق پئي رهيا آهن. هن کي ماڏي شهر ۾ حڪمت جو دوا خانو آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.02  عيسوي

ناليوارو محقق، اديب ۽ ’حڪيم‘ خليفو عبدالحميد ولد حڪيم خليفو عبدالمجيد چانڊيو، 02 ڊسمبر 1938ع تي ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽائي شاهه عبداللطيف
آشا چاند
صديقي محمد صالح
بکر فقير شهيد
ابولهب
نارائڻ جگن ناٿ وئديه
رحيم بخش خان بوزدار سردار
شاهه اسد 1
ڏاسواڻي چندر
رضوي مير سيد مرتضيٰ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون