خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر: سماجي ڪارڪن ڀائي ڪنٽريڪٽر'>خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر جو جنم 5 سيپٽمبر 1878ع ڌاري ڀارت ۾ ٿيو. گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استاد طور ڪئي، جتان ترقي ڪندي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو. ان کان سواءِ هيءُ مختلف عهدن جهڙوڪ: اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن پونا، 1937ع ۾؛ ’سرونگ بردر‘ 1939ع؛ ’آفيسر بردر‘ ۽ 1946ع ۾ ’ڪمانڊر بردر‘ ٿيو. پاڻ 1902ع ۾ گجرات ڪاليج احمد آباد جو ’دڪشنا فيلو‘، سنڌ پراونشل پرائمري ايجوڪيشن بورڊ جو ميمبر؛ پارسي شادين جي ڪورٽ جو ميمبر ۽ پارسي ڪوآپريٽِو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو چيئرمئن به ٿي رهيو. کيس سرڪار پاران ’خانبهادر‘ جو لقب 1929ع ۾ مليو ۽ کيس ٻيا به ڪيترائي سرڪاري اوارڊ مليا. هيءُ 18 آگسٽ 1962ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.09.05  عيسوي

سماجي ڪارڪن خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر جو جنم 5 سيپٽمبر 1878ع ڌاري ڀارت ۾ ٿيو.


1962.08.18  عيسوي

کيس سرڪار پاران ’خانبهادر‘ جو لقب 1929ع ۾ مليو ۽ کيس ٻيا به ڪيترائي سرڪاري اوارڊ مليا. هيءُ 18 آگسٽ 1962ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جامعي محمد سرور پروفيسر
امان الله وسطڙوشهيد
ڄام لکپت
پيٽن رائوس
ڀائي مولچند عاج وارو
مير رسول بخش خان ٽالپر
در محمد ڊول
سر شاهنواز خان ڀٽو
جهان خان ثاني
جنيد احمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون