حفيظ شيخ

حفيظ شيخ

حفيظ شيخ

حفيظ شيخ: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول هو. هن پهرين ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي هئي. حفيظ شيخ هڪ عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاري، بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙن جو دڪان کوليائين، فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو پي. اي ٿيو. اي. پي. پي جو نمائندو ٿيو. فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج رهيو.
شيخ حفيظ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. هن اياز ۽ تنوير جي سنگ ۾ ’شاگرد‘ رسالي جا ٻه پرچا مرتب ڪيا، جن مان هڪ ’روشن آرا مغل نمبر‘ هو. هو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ 1956ع کان 1957ع تائين نيوز ايڊيٽر به رهيو. 1951ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر 30 ۾ ٿينديون هيون تڏهن حفيظ شيخ ان دور جي بنيادي ميمبرن مان هو. سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر دادي ليلاوتي هرچنداڻي، حفيظ شيخ جي والد غلام رسول شيخ جي سڳي سوٽ آهي. حفيظ شيخ جـو والـد نـو مـسلم هو ۽ جڏهن حفيظ 15 سالن جو هو ته سندس والد 2 فيبروري 1943ع تي وفات ڪري ويو. حفيظ جي والده شاهه بيگم 21 فيبروري 1959ع تي وفات ڪئي. حفيظ کي 6 ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا. هن 1 جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي ۽ شاديءَ کان 10 مهينن بعد 9-نومبر 1971ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو. هن کي حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان به مٽجي ويو آهي، ڇو ته سندس اُهي دوست نياز همايونيءَ ۽ ٻيا زندهه نه رهيا آهن، جن کيس اُتي دفن ڪرايو هو.
حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’ساگر جي لهرن تي‘ 1976ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس زندگيءَ، ڪهاڻين، ٻين تحريرن ۽ سندس موت تي همعصرن ۽ دوستن جي تاثراتن ۽ مضمونن تي تفصيلي ڪتاب ’اڇو پکي واءُ ۾‘ جي عنوان سان ناليواري اديب نصير مرزا ترتيب ڏئي، نئون نياپو، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي زندگيءَ تي ناز سنائيءَ جو پڻ هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي.


لفظ حفيظ شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.12.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول هو. هن پهرين ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو.


1971.11.09  عيسوي

حفيظ شيخ 9 نومبر 1971ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو.


1971.01.01  عيسوي

هن 1 جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو عبدالحق
هزار خان بجاراڻي
خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي
پير پرڏيهي
بهاول خان عباسي3
جسوڌڻ
گل بيگ ٽنگڙي
شيخ محمد فاضل
رستم علي ٻرڙو
جعفري ضمير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون