حافظ عبدالله حامدي

حافظ عبدالله حامدي: مشهور ديني عالم حافظ عبدالله، ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ڀرسان ٻيلي ڳوٺ ۾ 19 نومبر 1914ع تي ڄائو. چئن سالن جو ٿيو ته سندس والد ميان حامد الله کيس قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو. 11 سيپارا ياد ڪرڻ بعد استاد حافظ محمد اسماعيل کيس قرآن شريف پڙهائڻ لڳو ۽ هن 9 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ کيس مڪمل قرآن شريف حفظ ڪرايو. حافظ ٿيڻ بعد عبدالله حامديءَ لاءِ ٻه تقريبون منعقد ٿيون جن مان هڪ ڦٽوڻ لڳ گولاڙچيءَ ۾ ۽ ٻي تقريب ميرپوربٺوري لڳ جوڻيجا ڳوٺ ۾ ٿي. هنن تقريبن ۾ سڄيءَ سنڌ مان 300 جيد ديني عالم شريڪ ٿيا. ان بعد حافظ عبدالله وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سجاول جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي قابل استادن مولوي فتح علي، مولوي محمد اڪرم ۽ مولوي سيد محمد نور شاهه ملتان واري کان ديني تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ شادي پليءَ ۾ مولانا محمد عثمان ڀنڀري وٽ ديني علم جا ڪيترا ڪتاب مڪمل ڪري دستار فضيلت حاصل ڪيائين. ديني تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ1931ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ٻيلي ۾ مدرسو قائم ڪري ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.
حافظ عبدالله ان کانپوءِ بدين ويجھو لڌائيءَ ۾ مدرسو کوليو، جتان ڪافي شاگردن ديني تعليم حاصل ڪئي. بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ ديني خدمتون سر انجام ڏنائين. 1974ع ڌاري حج جي سعادت حاصل ڪيائين. مولانا عبدالرحمان پسيو، مولوي عزيز الرحمان سڪندري حضرت مولانا حاجي احمد ملاح، مولانا محمد سعيد گوپانگ ۽ ٻيا ڪافي عالم دين، حافظ عبدالله جا همعصر هئا. هن لاڙ ۾ نقشبندي سلسلي کي پکيڙيو. هن 12 جمادي الاول 1409هه/ 7 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.11.19  عيسوي

مشهور ديني عالم حافظ عبدالله، ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ڀرسان ٻيلي ڳوٺ ۾ 19 نومبر 1914ع تي ڄائو.


1988.01.07  عيسوي

هن 12 جمادي الاول 1409هه/ 7 جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد شاهه امروٽي
مخدوم محمد معين ٺٽوي
شيخ نوح هوٿياڻي
ڊپٽي نذير احمد
نور محمد حسيني پتافي مولوي
عبدالوهـاب بلـوچ مولانا
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
عبدالڪريم ميمڻ مجروح مولوي
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
شنڪر آچاريا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون