حاجي محمود ’خادم‘

حاجي محمود ’خادم‘: نامور اديب، صحافي ۽ شاعر حاجي محمود ’خادم‘ ولد محمد بچل تُنيي، 4 جنوري 1895ع تي ڳوٺ بٺيءَ، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نامور عالم حاجي محمد چانڊيي جي دارالعلوم بٺي مدرسي مان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. هيءَ نهايت ئي ذهين ۽ هوشيار هو. 1911ع ۾ ميان محمد قادري ۽ نواب امير علي لاهوريءَ وارن سان گڏجي حج تي ويو. کيس انگريزيءَ تي عبور حاصل هو. مڪه معظمه جي ’باب اسلام مدرسه‘ جي شاگردن کي ’هندستان جي تاريخ‘ متعلق ڄاڻ ڏيندو هو. 1914ع ۾ تپيداري ڪاليج حيدرآباد مان تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪيائين. ملازمت جو آغاز تپيدار جي حيثيت سان ڪرڻ کان پوءِ ترقي ڪري پهرين سپروائيزر پوءِ سرويئر ٿيو. ڳوٺ بٺيءَ مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ اچي رهيو. هيءُ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو ۽ هڪ ئي وقت شاعر، صحافي، سماج سڌارڪ هو. 1915ع ۾ ميان محمد قادري، ميان غلام سرور قادري ۽ نواز علي ’نياز‘، ’بزم مشاعره‘ لاڙڪاڻي جو بنياد رکيو ته هن کي ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو. سندس ڪوششن سان 1921ع ۾ پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 1933ع ڌاري ڪراچيءَ جي ’بزم ادب‘ ۽ ’بزم نظامي‘ کي سرگرم ڪيائين. ’سنڌ سڌار سوسائٽي‘ ٺاهي وئي ته ان جو وائس چيئرمئن چونڊيو ويو. هن جي ڪوششن سان 1946ع ڌاري سنڌ جي سمورن بزم مشاعرن کي گڏ ڪري ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جو بنياد وڌو ويو. هيءُ ان تنظيم جو روح روان هو ۽ آخري دم تائين ان جو سيڪريٽري رهيو. 1949ع ڌاري ڏهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ هن جي رٿ تي ’سنڌي ادبي سوسائٽيءَ‘ جو بنياد پيو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي ڪيو ويو. حاجي محمود ’خادم‘ جي خدمتن عـيـوض 26 ۽ 27 مارچ 1948ع تي ميـهـڙ ۾تعليم کاتي سـنـڌ جي وزيـر پير الاهي بخش جي صدارت ۾ منعقد ٿيل نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي اديبن يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪري کيس ’مخدوم الشعراءِ‘ جو لقب ڏنو.
سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان: ’رياض البلاغت‘ (1922ع)، ’يادگار داستان‘ (1911ع)، ’ستاره سنڌ‘، ’امام مهدي‘، ’اخلاقي خون‘ (1914ع) ۾ الهڏني الهورائي خان نالي هڪ ڪتب فروش ڇپايا. هن جي ٻن ترجمو ڪيل ناولن ۾ ’شمشير السلام‘ ۽ ’خنجر هلال‘ شامل آهن.
هن شاعريءَ ۾ ’خادم‘، ’محمود‘، ’پروفيسر‘، ’هرهنٽر‘ تخلص ڪتب آندا ۽ ڪڏهن ’فلڪ فردوسيءَ‘ جي نالي سان مزاحيه شاعري به ڪندو هو. ’اديب سنڌي‘ رسالي جي، مئي 1941ع واري شماري ۾ شايع ٿيل سندس نظم ’ڪالهه ۽ اڄ‘ وڏي شهرت ماڻي. ان کان سواءِ هن ڪيتريون ئي انجمنون کولرايون، جن مان: ’خدام المساجد‘، ’جماعت خادم الغربا‘، ’انجمن تنظيم المسلمين‘ ۽ ’انجمن فدائي اسلام‘ مشهور آهن. مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽريءَ جا فرض بنا نالي سرانجام ڏنائين، انهن ۾ هفتيوار اخبارالحقيقت‘، ’هفتيوار پاڪستان’ ۽ ماهوار رسالو ’اديب سنڌ‘ (اپريل 1941ع کان ڊسمبر 1952ع) وغيره شامل آهن، جيڪي باقاعدگيءَ سان لاڙڪاڻي مان شايع ٿيندا هئا. هن هوندراج ’دکايل‘ کان پرنٽنگ پريس خريد ڪري، ’پاڪستان پرنٽنگ پريس‘ جي نالي سان هلائي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندڙ حاجي محمود ’خادم‘ 9 جنوري 1960ع تي وفات ڪئي.


لفظ حاجي محمود ’خادم‘ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.01.04  عيسوي

نامور اديب، صحافي ۽ شاعر حاجي محمود ’خادم‘ ولد محمد بچل تُنيي، 4 جنوري 1895ع تي ڳوٺ بٺيءَ، تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.


1960.01.09  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندڙ حاجي محمود ’خادم‘ 9 جنوري 1960ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبيحا نذير مگسي
عقيل عباس جعفري
شاهد احمد دهلوي
اويس ڀٽو
عنايت الله سومرو سهيل
رشمي راماڻي
خالد ٽالپر
انيس گل عباسي
حڪيم محمد يعقوب قاضي
شهيد سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون