حاجي عبدالرحيم لغاري

حاجي عبدالرحيم لغاري: الحاج مولانا مفتي عبدالرحيم لغاري 23 جمادي الاول 1348هه/ 27 آڪٽوبر 1929ع تي ڳوٺ باگي خان جتوئي، نصرپور ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ احمداڻي لغاري، تعلقي موري جا رهواسي هئا. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي هڪ مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. اهو مدرسو هڪ عورت ’ماسي سڳوري‘ جي نالي سان منسوب هو. قرآن پاڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پرائمري جي تعليم ورتائين. ان کانپوءِ جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ان ئي اسڪول ۾ معلم جا فرض انجام ڏنائين. ان کانپوءِ روينيو ڊپارٽمنٽ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، ڪجهه عرصو ملازمت ڪرڻ بعد نوڪري ڇڏي ضلعي دادوءَ جي هڪ ڳوٺ اميناڻي جي مشهور عالم امير محمد شاهه'>سيد امير محمد شاهه جي مدرسي ۾ اعليٰ ديني تعليم جي حصول لاءِ داخل ٿيو. 1973ع واري تحريڪ ختم نبوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. عبدالقادر جيلانيرح جو عقيدتمند هو. حاجي عبدالرحيم لغاريءَ جو حضرت پير انور علي شاهه لنڊي شريف واري سان تعلق هو. ديني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 20 آڪٽوبر 1956ع تي دستاربنديءَ ڪـري پنهنجـي ڳـوٺ واپس موٽي آيو. جامعه عربيه حيدرآباد جي باني سيد علي اڪبر شاهه، مخدوم امير محمد، امير محمد شاهه'>سيد امير محمد شاهه ۽ مولوي مـيـان احمد مڏائيءَ سان گڏجي ڪـيـترين علمي ادبي مـحـفـلـن ۽ ڪانـفرنسن ۾شـريـڪ ٿـيو. ڪـجهه وقت ڳـوٺ ۾ رهـڻ بـعـد هـن مـوري ۾ رهائش اختيار ڪري اُتي ذاتي خرچ سان ’مدرسو انوارالـعلوم‘ قائـم ڪـيـو، جنهن ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي شـاگـرد داخـل ٿيا، جن جي رهائش ۽ کاڌي جـو انتظام به پـاڻ ڪنـدو هـو. مدرسي لاءِ ڪـتاب سعودي عـرب ۽ ٻـين مـلـڪن مـان پنهنجي خرچ تي گھرائيندو هو. مدرسي ۾ سنڌ کـان سـواءِ ٻـيـن صـوبن کان به شاگرد ديني تعليم پرائڻ لاءِ ايندا هئا. هن ٻه دفعا بيت الله'>حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪيائين. حاجي عبدالڪريم لغاري وقـت جـو وڏو مـفـتـي هـو. هـن 11 نـومـبر 1980ع تي وفات ڪئي ۽ کيس مدرسي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.10.27  عيسوي

الحاج مولانا مفتي عبدالرحيم لغاري 23 جمادي الاول 1348هه/ 27 آڪٽوبر 1929ع تي ڳوٺ باگي خان جتوئي، نصرپور ۾ جنم ورتو.


1956.10.20  عيسوي

حاجي عبدالرحيم لغاري ديني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 20 آڪٽوبر 1956ع تي دستاربنديءَ ڪـري پنهنجـي ڳـوٺ واپس موٽي آيو.


1980.11.11  عيسوي

حاجي عبدالرحيم لغاري 11 نـومـبر 1980ع تي وفات ڪئي ۽ کيس مدرسي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان غني رضه
خواجه گل محمد
دلائي لاما
خواجه محڪم الدين سيراني
امام محمد باقر عليه السلام
زبيررضه
عبدالله بن معقل
فقير الله علوي
عزير عليه السلام
زيد بن علي بن حسينعه
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون