جوليان پال اسانج

جوليان پال اسانج

جوليان پال اسانج

جوليان پال اسانج: پال اسانج'>جوليان پال اسانج جي شهرت، انٽرنيٽ تي آمريڪا جا سفارتي راز پڌرا ڪرڻ سبب نومبر 2010ع ۾ ٿي. هيءُ 3 جولاءِ 1971ع تي آسٽريليا ۾ ڄائو. سندس والدين مختلف شهرن توڙي ملڪن ۾ وڃي ٿيٽر پيش ڪندا هئا، جنهنڪري هن جي عمر جو ڳچ حصو به سفر ۾ گذريو، جنهنڪري مختلف اسڪولن ۾ تعليم حآصل ڪندو رهيو ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم به ڇهن هنڌن تان پرايائين. کيس ننڍپڻ کان حسابن ۽ فزڪس جي مضمونن سان دلچسپي رهي. سندس چوڻ آهي ته حسابن ذريعي ئي سڀڪجهه ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪمپيوٽر جي زبان تي عبور حاصل ڪندي، ڪمپيوٽر هيڪنگ ڪرڻ به شروع ڪئي. هونئن ته هيڪنگ کي ’سائبر ڪرائيم‘ تصور ڪيو ويندو آهي، پر جوليان اسانج ڪو ننڍو يا معمولي هيڪر ثابت نه ٿيو، پر هن دنيا جي طاقتور ترين دفاعي نظام رکندڙ آمريڪا جي ’سپر نيٽ‘ نالي نيٽ سروس تان لکين اهڙا دستاويز چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن جي رسائي رڳو ڪجهه هزارن يا ڪجهه سؤ ماڻهن تائين آهي، پر هي نه رڳو آمريڪا جا عراق جي حوالي سان چار لک اهم دستاويز چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر اهي وڊيو به جاري ڪيائين، جن ۾ اپريل 2010ع ۾ آمريڪي هيليڪاپٽر بغداد شهر ۾ گوليون وسائي، ٻن صحافين سوڌو 12 ماڻهن کي ماري رهيو هو. ’وڪي ليڪس‘ نالي سندس ويب سائيٽ، جنهن دنيا ۾ نه رڳو صحافتي، پر سياسي ۽ سفارتي حلقن ۾ تهلڪو مچايو. جوليان اُن جو چيف ايڊيٽر سمجهيو وڃي ٿو. هن وڪي ليڪس کي 2006ع ڌاري ظاهر ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن جو وڏي ۾ وڏو ڪم اهو هو ته هن اهڙا دستاويز ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي ڪلاسيفائيڊ هوندا آهن، جن کي رڳو ڪجهه لاڳاپيل ماڻهو ئي پڙهي سگهندا آهن. هن بابت جيڪا معلومات ظاهر ٿي آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن 1987ع ڌاري پهريون ڀيرو هيڪنگ شروع ڪئي. يعني ٻين جي ڪمپيوٽر وارو مواد چورائڻ جو عمل شروع ڪيو، جنهن کي هن مينڊيڪس (Mendax) جو نالو ڏنو. وڪيپيڊيا (Wikipedia) موجب هن ٻن دوستن سان گڏجي هيڪرس جو هڪ گروپ ٺاهيو، جنهن جو نالو International subversives طور ظاهر ٿيو ۽ ان الزام هيٺ هن جي ملبرن واري گهر تي پهريون ڀيرو آسٽريليا جي فيڊرل پوليس چڙهائي ڪئي هئي. جنهن سبب سندس محبوبا کانئس رسي وئي هئي. ان گرفتاريءَ بعد هو 1992ع ۾ 2100 آسٽريلوي ڊالرن جي ضمانت تي آزاد ته ٿيو، پر هن جي دماغ ۾ اهڙو ڦيرو اچي ويو، جو هن هيڪنگ جي ان عمل کي صحافتي انداز ۾ ڪرڻ جو رٿيو ۽ پوءِ هن انٽرنيٽ تان معلومات گڏ ڪري صحافتي ڪهاڻين (Stories) وسيلي ظاهر ڪئي، ۽ 2006ع ۾ وڪي ليڪس جي بنياد ۾ اچڻ کان پوءِ، 2007ع ۾ افغان عراق جنگ بابت دستاويز پڌرا ڪيا، پر وڪي ليڪس جو وڏو ڪارنامو تڏهن پڌرو ٿيو، جڏهن هن پاران ڪينيا ۾ عدالت کان مٿانهين قتلام (Extra Judicial Killing) جي حوالي سان ڪم سامهون آيو، جنهن جي موٽ ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران کيس ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته ان کان اڳ خفيه دستاويز جاري ڪرڻ تي 2008ع ۾ دنيا جي معتبر رسالن مان هڪ ايڪنامسٽ (Economist) به کيس ايوارڊ سان نوازيو. سندس ان عمل نه رڳو آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن کي چئلينج ڪيو آهي، پر ڪمپيوٽر جي دنيا جا ماڻهو به حيران ۽ پريشان ٿي ويا آهن، ڇو ته دنيا ۾ ڪمپيوٽر کي محفوظ ترين سمجهيو پئي ويو، پر اسانج جي هن عمل کان پوءِ جڏهن برطانيه جي هڪ رسالي، نومبر 2010ع جي آخر ۾ دنيا تي اثر انداز ٿيندڙ ماڻهن بابت سروي ڪرائي ته 50 مان اسانج جو ٽيويهون نمبر هو. هڪ چور لاءِ دنيا تي اثر انداز ٿيڻ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي. هن جڏهن تازو نومبر 2010ع جي آخري هفتي ۾ لکين اهڙا دستاويز پڌرا ڪيا آهن، جن سان نه رڳو آمريڪا جي سفارتي، پر ڪيترن ئي ٻين عملن جي رازن تان پردو هٽي ويو آهي. هن کي انٽرپول پاران آگسٽ 2010ع ۾ قائم ٿيل ٻن عورتن سان جنسي ڏاڍائيءَ واري ڪيس ۾، 7 ڊسمبر 2010ع تي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو. ۽ ڪجهه هفتن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. هو روزانو ويب سائيٽ ذريعي اهڙيون آف دي ريڪارڊ ڳالهيون به ظاهر ڪندو رهيو، جيڪي آمريڪي سفيرن ۽ مختلف ملڪن جي اهم شخصيتن وچ ۾ ٿيون هيون. انهن ملڪن ۾ پاڪستان سميت سعودي عرب، ايران، ڀارت ۽ چين به شامل هئا. جوليان جو چوڻ هو ته معلومات تائين رسائي سڀني جو حق آهي، پر اظهار جي آزادي کيس تڏهن ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، جڏهن هن دٻاءَ ۽ گرفتار ٿيڻ جي رد عمل ۾ آمريڪا سميت سندس اتحادي توڙي ايشيائي ملڪن جي ائٽمي تنصيبات بابت انتهائي اهم راز پڌرا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. 1992ع ۾ ته آسٽريليا ۾ مٿس هيڪنگ جا 24 ڪيس صحيح ثابت ٿيا هئا، پر هن وقت وڪي ليڪس 100 کان وڌيڪ اهڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي. جن جا قانوني طور اهڙا نوان رخ سامهون آيا آهن، جيڪي قانوندانن لاءِ به بلڪل نوان آهن. وڪي ليڪس، جنهن جو بظاهر مالڪ جوليان اسانج کي سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت چوڻ آهي ته هن جي ويب سائيٽ (وڪي ليڪس) جي ايڊوائيزري بورڊ جا ڪل نو (9) ميمبر آهن ۽ ان کي ’سن شائين‘ نالي هڪ تنظيم هلائي رهي آهي، پر تازن جاري ٿيل انڪشافن کان پوءِ اهو به وڏو انڪشاف ٿيو آهي ته وڪي ليڪس سان هن عمل ۾ دنيا جون ڪيتريون وڏيون اخبارون به ڀاڱي ڀائيوار آهن، جن ۾ نيويارڪ ٽائيمز ۽ گارجئين جهڙيون معتبر اخبارون به اچي وڃن ٿيون. ’وڪي ليڪس‘ تي پاڪستان جي صدر، وزيراعظم، آرمي چيف توڙي پارلياماني ميمبرن ۽ مخالف ڌر جي رهنمائن بابت به ڪيتريون ڳالهيون پڌريون ڪيون ويون. ان سان گڏ سعودي بادشاهه ۽ ايران جي صدر جا به ڪي تڪراري تبصرا ميڊيا تي آندا ويا آهن. عام ماڻهو ۽ سرڪاري حلقا ان کي مسلم ملڪن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي رهيا آهن.


لفظ جوليان پال اسانجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو