جنجهي نور احمد

جنجهي نور احمد

جنجهي نور احمد

جنجهي، نور احمد: نور احمد جنجهي تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ وڪڙيي ۾، 30 نومبر 1968ع تي ٿر جي لوڪ شاعر، ڏاهي، ماهر بشريات ۽ حڪيم، مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ پرائي. ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. 1996 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪـلاس، سـيـڪـنـڊ پـوزيـشـن سـان ايم. اي پاس ڪري، 1997ع ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ ليڪچرار ڀرتي ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ ماسٽرس سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ ايم. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جو امتحان به پاس ڪيو. مٺي ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ، نئين ضلعي حڪومتي سرشتي هيٺ ضلعي ٿرپارڪر جي پهرئين ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور به ذميـواري نڀائي. ان کانـسـواءِ غيـر سرڪاري تنظيم ٿرديپ سان گڏ باراني ڳوٺاڻن علائقن جي ترقيءَ توڙي سماجي جاڳرتا جي ڪافي پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو ۽ ڳوٺاڻيون ترقياتي تنظيمون ٺاهڻ ۾ ڳوٺاڻن جي رهنمائي ۽ مدد ڪئي. اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي تيار ڪري ڇپايل ٻه ٻوليائي لغت جي ڪم ۾ به حصو ورتو آهي. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهيا آهن. هن پنهنجي والد جو شعري مجموعو ’ويجها ٿيا وصال کي‘ (2010ع) سهيڙي ڇپرايو. ان کان سواءِ هن ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ جي لوڪ داستانن بابت هندي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري ’ٿر ۾ ڳائجندڙ داستان‘ (2008ع) عنوان سان ڇپايو آهي. ان کان سواءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) سماجي جاڳرتا بابت مددي ڪتاب، (2) ڳوٺاڻن جي سيڙپڪاري فنڊ بابت مددي ڪتاب، (3) يونين ڪائونسل غربت گهٽايو رٿا بابت مددي ڪتاب، (4) مقامي سهڪاري تنظيم جي تنظيمي اوسر بابت مددي ڪتاب. ان کان سواءِ سندس ڪتاب ’سنڌي لوڪ گيتن جو سماجياتي اڀياس‘ ڇپائيءَ هيٺ آهي. نور احمد جنجهي ٿر جي تاريخ، ثقافت، سماجيات، لوڪ ادب تي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. هن وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.11.30  عيسوي

نور احمد: نور احمد جنجهي تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ وڪڙيي ۾ ، 30 نومبر 1968ع تي ٿر جي لوڪ شاعر ، ڏاهي ، ماهر بشريات ۽ حڪيم ، مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي گهر جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدابخش مري جسٽس
الهداد خان صوفي لغاري
جئسنگهاڻي شنڀو
پير شهاب الدين لڪياري
آهوجا ميول نيوند رام
الطاف حسين انڙ
شفيق الزمان مخدوم
سليم سرهندي
فتح محمد شاهه شيرازي
اسلم آزاد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون