جمالي

جمالي1: جمالي ذات يا قبيلو، بلوچن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪتاب ’بلوچ‘ جو مصنف م. ڪ پيڪولين لکي ٿو ته: ”جمالي هڪ بلوچ قبيلو آهي.“ مرزا قليچ بيگ به لکيو آهي ته جمالي رند بلوچن جي هڪ اهم شاخ آهن. هنن جو مورث اعليٰ مير جمال خان رند هو. جيڪو مير رند جو پٽ هو. سندس وفات بعد پوٽن پاڻ کي ’جمالي‘ سڏايو. ’بلوچ قوم اور اس ڪي تاريخ‘ جو مصنف به جمالين کي رند ڄاڻائي ٿو. ايس. صادق عليءَ پنهنجي ڪتاب ‘The Muslaman Races found in Sindh, Balouchistan and Afghanistan’ (1901ع) ۾ لکيو آهي ته ”جمالي رندن جي هڪ شاخ آهن، جن جو ڏاڏو جمال خان هو. جنهن پٺيان هي جمالي سڏجن ٿا.“ مير جمال خان انگريزن سان جنگ وڙهي هئي. سر چارلس نيپيئر جمالين کان جند ڇڏائڻ لاءِ جانباز جمالين کي ڳڙهي خيري ۾ جاگير ڏني. جمالي ٽن مختلف قبيلن/ نکن ۾ ورهايل آهن:
(1) شير خاناڻي جمالي: هنن جو اڳواڻ وڏيرو لشڪر خان ولد خير محمد خان جمالي، ڳوٺ بکرو قلات وارو.
(2) شهدادپور وارا جمالي: هنن جو سردار وڏيرو صوبدار ۽ وڏيرو شاهو خان هئا.
(3) ڦلجي وارا جمالي: هنن جو سردار حيات خان ۽ وڏيرو بخشو خان جمالي هئا.
ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”سنڌ جا جمالي به رندن جي ممتاز قبيلي مان آهن، جن جون سنڌ ۾ چار سرداريون هيون: (1) مريداڻي، (2) جلباڻي، (3) بخشاڻي، (4) سکواڻي.
تاريخ بلوچ و بلوچستان‘، جلد پنجين ۾ مير نصير خان احمدزئي لکي ٿو ته: ”1298ع ۾ مڪران جو والي، مير رجب ماملي ڪرد بلوچ هو. هن کي ست پٽ هئا. جن مان هڪڙي جو نالو ’جمال‘ هو، جنهن جي اولاد پاڻ کي ’جمالي‘ سڏايو هن وقت جتن جي ڪن پاڙن پاڻ کي ’جمالي‘ سڏائڻ شروع ڪيو آهي.“
ڪي مصنف، جمالين کي بلوچ نه ٿا سڏين، پر سندن اها راءِ مٿين حوالن ذريعي رد ٿي وڃي ٿي. ان کان سواءِ سنڌ جا جمالي اڄ به گهرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ ’بلوچي‘ ٻولي ڳالهائين ٿا، جيڪا ڳالهه سندن بلوچ نسل لاءِ وڏي شاهدي آهي .


لفظ جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو