جمال عبدالناصر

جمال عبدالناصر

جمال عبدالناصر

جمال عبدالناصر: مصر جي اڳوڻي صدر ۽ سياسي اڳواڻ جمال عبدالناصر، 15 جنوري 1918ع تي جنم ورتو. ملٽري اڪيڊمي قاهره مان تعليم حاصل ڪيائين. هيءُ بنيادي طور فوجي هو. فوج ۾ هن پنهنجو تمام وڏو هم خيال حلقو پيدا ڪيو. 1948ع ۾ جڏهن فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿي ته هن رضاڪاراڻي طور تي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ فوج مان استعيفيٰ ڏني پر سندس استعيفيٰ منظور نه ٿي. جڏهن مصر هن جنگ ۾ فلسطين جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته هن کي محاذ تي روانو ڪيو ويو. ان جنگ ۾ هن کي فوجي اعزاز به مليو. ان سال ئي هن هڪ ڳجهي فوجي تنظيم جوڙي ۽ جنرل نجيب ان تنظيم جو سربراهه مقرر ٿيو. 23 جولاءِ 1952ع تي هن مصر جي شاهه فاروق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. 1953ع ۾ هن مصر جي نائب وزيراعظم ۽ اپريل 1954ع ۾ وزيراعظم جا اختيار سنڀاليا. جون 1956ع ۾ هيءُ مصر جو صدر ۽ فيبروري 1958ع ۾ گڏيل عرب رياست جو صدر ٿيو. 15 مارچ 1965ع کان ايندڙ ڇهن سالن لاءِ مصر جو صدر چونڊيو، پر پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ ان اڳ 28 سيپٽمبر 1970ع تي وفات ڪري ويو. هن سويز درياهه کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. اسوان ڊيم جي تعمير هن جي دور جو وڏو ڪارنامو آهي. سندس دور ۾ اخوان المسلمين جي اڳواڻن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو .


لفظ جمال عبدالناصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.01.15  عيسوي

جمال عبدالناصر ، 15 جنوري 1918ع تي جنم ورتو .


1970.09.28  عيسوي

جمال عبدالناصر 28 سيپٽمبر 1970ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اديب انقلابي
بيگم رعنا لياقت علي خان
حامد الله ٻيلوي مولانا
سعدالله شيخ
ذوالفقار شاهه
خدابخش ’ناشاد‘
محمد سومار ٿيٻو
ٽپٽائي مولوي عبدالله
ٺٽوي سيد احمد
حبيب الله ڏيپلائيِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون