داخلا ؛ 7298
پڙهيو ويو ؛ 182
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-26


تصويرون




ٽائيم لائين

1965.09.14-A.D
جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي ، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .




sindhianaسنڌيانا--جاويد شاهه جيلاني

ٽائيٽل ؛ جاويد شاهه جيلاني


شاخ : صحافي

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد -اختر- شاهه آهي، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ -جنم- ورتو. ايم. اي (صحافت) 1992ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. صحافت جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد ۾ قمبر شهر جي نمائندي طور ڪيائين. جنهن کان پوءِ مختلف اخبارن: روزاني آفتاب حيدرآباد، روزاني هلال -پاڪستان- ڪراچي، -پاڪستان- پريس انٽرنيشنل (P.P.I)، روزاني مهراڻ حيدرآباد، روزاني امن ڪراچي، روزاني -بشارت- ڪراچي، روزاني بختاور حيدرآباد، روزاني -الک- حيدرآباد وغيره جو نمائندو ۽ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف رهيو آهي.

جاويد شاهه جيلاني 1989ع ۾ قمبر ۾ جاويد پرنٽنگ پريس کولي، مارچ 1989ع ۾ ئي قمبر مان هفتيوار -اخبار- ’عدالت‘ -جاري- ڪئي. هفتيوار ’پاڪستان‘ لاڙڪاڻي جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو. هن ڪهاڻيون، شاعري، سماجي مسئلن تي رپورٽون وغيره لکيون آهن. سيد جاويد شاهه جيلانيءَ جو تعلق مختلف تنظيمن سان به رهيو آهي، سجاڳ -ٻار- تحريڪ جو ميمبر (1977ع)، چڻنگ سنگت ۾ سکر ڊويزن جو آرگنائيزر (1983ع)، ڀٽائي ادبي اڪيڊمي قمبر جو باني ۽ چيئرمئن (1988ع)، جرنلسٽس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو باني ۽ صدر (1995ع)، سگا جو مرڪزي ايسوسيئيٽ سيڪريٽري (2000ع)، عورت فائونڊيشن لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪوآرڊينيٽر (2000ع) به رهيو آهي.

جاويد شاهه ضلعي، صوبائي ۽ ملڪي سطح تي ڪيترا سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ حاصل ڪيا آهن، -جن- ۾: سماجي خدمتن تي سگا سلور جوبلي اوارڊ (1999ع)، عورت فائونڊيشن شيلڊ (2002ع)، صحافتي خدمتن تي سنڌ شهري -اتحاد- اوارڊ (2002ع) وغيره شامل آهن. -جاويد شاهه جيلاني- صحافتي ۽ سماجي سرگرمين خاطر 1992ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جاويد شاهه جيلاني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جاويد شاهه جيلاني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


صحافي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
امين ارباب
احمد علي خان
اندر جيت لوهاڻو
بڪيرائي مراد علي شاهه
آزاد برڪت علي ڪامريڊ
آزاد صوفي 2
اردشير ڪائوسجي
اي جي چانڊيو
اسحاق مڱريو
اقبال دل
اقبال ملاح
انور سيال
اثر سنڌي
احمد رضا بروهي
امداد علي اوڍو
بخاري ممتاز
آصف قاضي
الطاف پيرزادو
الياس ٿري
ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ:
ڀٽي سليم اختر
ڀنڀرو غلام عباس
توفيق علي منگي
تولارام عاجز
تهذيب السلام رضوي
تيجورام شرما
پير علي محمد شاهه راشدي
جاويد شاهه جيلاني
جاويد قاضي
جتوئي مصطفيٰ حيدر
جعفر ميمڻ
جعفري ضمير


.....صحافي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن