ثميره زرين

ثميره زرين: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار خاتون ثميره زرين شڪارپور جي هڪ معزز اعواڻ گهراڻي جي فرد، محمد اعظم اعواڻ جي گهر 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي کيس ادبي ماحول مليو. سندس پڙڏاڏو محمد عارف اعواڻ فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ديوان صنعت“ جي نالي سان مقبول رهيو آهي. ثميره زرين جو اصل نالو سڪينه اعواڻ هو. هن پاڻ تي اهو نالو ان ڪري رکيو، جو سندس چواڻي هن کي ننڍي هوندي کان پنهنجو اصل نالو ڪو نه وڻندو هو. ان ڪري هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي ته اهي ثميره زرين جي نالي سان موڪلڻ شروع ڪيائين. هوءَ ڏاڍي ذهين هئي، ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”اميد“ نئين زندگيءَ جهڙي معياري رسالي ۾ ڇپي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيو ۽ هن ٿوري وقت ۾ پنهنجو نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻائي، ادبي دنيا ۾ مشهوري ماڻي ورتي. ابتدا ۾ ادبي دنيا ۾ ان ڳالهه تي وڏا بحث ٿيا ته ثميره نالي ليکڪا اصل ۾ ڪو مرد آهي، جيڪو فرضي نالي سان لکي ٿو، ڇو ته ثميره پردو ڪندي هئي ان ڪري اهو شڪ هڪ وڏي عرصي تائين قائم رهيو، پر جڏهن ستر جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۾ سندس پهريون انٽرويو تصويرن سان شايع ٿيو ۽ هن پنهنجي اصلي نالي ۽ خاندان بابت ٻڌائي پاڻ کي ظاهر ڪيو ۽ وري شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت ۾ ملازمت ڪئي، تڏهن وڃي اهو شڪ دور ٿيو. ثميره بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳي ته سندس لکڻ جو ذوق اڃا به وڌيو، کيس همٿائڻ ۾ سندس گهر وارن جو وڏو ساٿ رهيو.
ثميره زرين 62-1961ع ڌاري ”نئين زندگي“ رسالي پاران، گذريل سالن دوران نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل افسانن/ ڪهاڻين جو هڪ مجموعو سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اهو سندس ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب، سنڌي ڪهاڻين جو انتخاب هو، جيڪو ”مهراڻ جون ڇوليون“ عنوان سان 1962ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو. هن انتخاب تي ثميره زرين جو لکيل مقدمو”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ هڪ شاهڪار شمار ٿئي ٿو. 1962ع ۾ ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ثميره جي هڪ ڪهاڻي”دين جي ماءُ“ شايع ٿي، جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. 1968ع ۾ اديون“ رسالي ۾ ”رمندا بادل“نالي سان سندس ڪهاڻي به ڏاڍي مشهور ٿيس، اهڙيءَ ريت سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ مسلسل ڇپجڻ لڳيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”گيت اڃايل مورن جا“ جي سري هيٺ جولاءِ 1970ع ۾ ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ ثميره زرين جون 11 ڪهاڻيون شامل هيون ۽ هن مجموعي جو مهاڳ آغا سليم لکيو. هن ڪتاب جا ٻه ٽي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ ”آءُ اهائي مارئي“ نالي سان فيبروري 1981ع ۾ الطاف اشاعت گهر ،حيدرآباد، پاران ڇپيو، جنهن ۾ سندس 8 ڪهاڻيون شامل آهن. ثميره زرين جي ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب، ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران سندس وفات کان پوءِ، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين کي سهيڙي، ”روشن ڇانورو“ جي نالي سان اپريل 1989ع ۾شايع ڪيو ويو. ثميره جي ڪهاڻين جو مکيه موضوع ”عورت“ ئي رهيو آهي. هن جون ڪهاڻيون پوئتي پيل سماج جي عورتن جي درد جو آواز معلوم ٿين ٿيون. ثميره زرين کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر جي. ايم. اعواڻ سان تمام گهڻي محبت هئي، هوءَ جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ملازم هئي ته سندس ڀاءُ جي طبيعت ٺيڪ نه رهڻ لڳي. سندس حساس دل کي ڀاءُ جي بيماريءَ جي تمام گهڻي ڳڻتي رهندي هئي ۽ پوءِ جڏهن سندس ڀاءُ گذاري ويو ته سندس هر قوت جواب ڏئي ڇڏيو. هوءَ اندران ٽٽي پئي ۽ پوءِ گهڻو وقت زنده رهي نه سگهي. ڇنڇر، 13 آگسٽ 1977ع تي ثميره زرين سنڌي ادب کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي.


لفظ ثميره زرينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.02.22  عيسوي

ثميره زرين محمد اعظم اعواڻ جي گهر ۾ 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو


1977.08.13  عيسوي

ثميره زرين ڇنڇر 13 آگسٽ 1977ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي نواز خان ڌاريجو
سعيده گوپانگ
تڳيو چانگ
ٽالسٽاء
بانو محبوب
پيرزادو حاجي محمد
سومار سومرو
رميش چوڌري
لونگ فقير سولنگي
احمد خان ملڪاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون