ثريا سوز ڏيپلائي

ثريا ”سوز“ ڏيپلائي: ثريا سوز ڏيپلائي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري خاتون ليکڪا ٿي گذري آهي. سندس اصلي نالو ثريا نسيم قاضي آهي. سندس جنم 25 نومبر 1945ع ۾ اهڙي گھر ۾ ٿيو، جتي علم، ادب ۽ انقلاب جا موضوع عام هئا. سنڌ جي عظيم قلمڪار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي هن نياڻيءَ ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاهه رکيو. جيتوڻيڪ سندس وهانءُ ننڍپڻ ۾ يعني 1961ع ۾ ئي ٿيو، پر پوءِ به علم ۽ ادب سان سندس چاهه برقرار رهيو. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ هن”محمد عثمان ڏيپلائي ءَ جي ناول نگاري“ جي عنوان تي 1988ع ۾ ايم.فل ڪئي. ان کان پوءِ”محمد عثمان ڏيپلائي بطور سماج سڌارڪ“ جو موضوع چونڊي، ان تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد ۾ ڪيترائي سال ليڪچرار رهي.
ثريا سوز لکڻ جي ابتدا، پنهنجي والد جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ”انسان“ کان ڪئي.’چالاڪيءَ‘ جي عنوان سان هڪڙي ڪهاڻي لکيائين پوءِ هڪ نظم، ”محنت صبح و شام ڪنداسين“ به تحرير ڪيائين. 1958ع ۾ تيرنهن ورهين جي ڄمار ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ” مارئي“ ۾ سندس شاعري شايع ٿي. ان دؤر ۾ جيئن ته فارسيءَ جو اثر سنڌيءَ تي وڌيڪ هو، ان ڪري ان نظم جو نمونو ڪجھه هن طرح هو:
”اي نسيم، ٻڌان ٿي آواز آشنا
دل جي ڌڙڪن ۾ آهي ڪير پوشيده؟“
ان وقت هن جو تخلص’نسيم‘ هو. 1966ع ۾ ”ثريا“ ٻارن لاءِ مزاحيه ادب به لکيو ۽ ”عبرت“ اخبار جي صفحي ” ٻارڙن جي ٻاريءَ“ طرفان پهريون انعام به کٽيو. ثريا بعد ۾ ”سوز“ تخلص اختيار ڪيو. هن نه رڳو شاعري ڪئي، پر ڪهاڻيون ۽ ڪالم به تحرير ڪيا. هن 1973ع کان ”ملير ڊائجسٽ“ ۽ اخبار ”سنڌ ٽائيمس“ لاءِ ڪالم نگاري ڪئي.
هن چار ڀيرا ”زينت چنا“ ادبي انعام حاصل ڪيو. نثر ۾ ڪهاڻين ۽ مضمونن کان سواءِ هڪ ناول ”نيڻن ننڊ اڏائي“ به لکيائين ، جيڪو روزاني ”سنڌ ٽائيمس“ ۾ قسطوار ڇپيو. اخبارن ۾ سندس ڪالمن بعنوان ”سوچيان ٿي “ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي هئي،ثريا سوز ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به لکيون، جن جو هڪ مجموعو ”چمڪندڙ چنڊاپريل 1985ع ۾ ’روشن تارا ساهت سرڪل‘ حيدرآباد پاران ڇپجي چڪو آهي. ثريا سوز ڏيپلائيءَ 14 سيپٽمبر 2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ ثريا سوز ڏيپلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.25  عيسوي

ثريا سوز ڏيپلائي 25 نومبر 1945ع ۾ جنم ورتو


2004.09.14  عيسوي

ثريا سوز ڏيپلائي 14 سيپٽمبر 2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلقيس ايڌي
ٻانڀڻ
ڄاموٽ سيد حسن علي
عبدالحميد آخوند
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
جروار محمد رفيق
اسدالله ڀٽو پروفيسر
پونجو سيٺ
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
پرڀارام سنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون