ثابت علي شاهه ثالث

ثابت علي شاهه ثالث: سيد ثابت علي شاهه ثالث سنڌي مرثيي جي باني سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي اولاد مان هو. هن 1918ع تي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي سيد مظفر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. شاهه صاحب ابتدائي تعليم ٽريننگ ڪاليج فار مين، نؤ ودياله اسڪول ۽ نولراءِ اڪيڊمي حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان وري پنجاب مان 1935ع ۾ پاس ڪري جلد ئي پاڻ ملازمت اختيار ڪئي. پهرئين جيل ڊپارٽمينٽ ۽ بعد ۾ لوڪل بورڊ حيدرآباد ۾ سروس اختيار ڪيائين. جتان 1976ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سيد ثابت علي شاهه پنهنجي سڄي عمر مذهب ۽ سنڌ جي علم و ادب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ گذاري. سندس تعليم و تربيت سندس ڏاڏي سيد امداد علي شاهه ثانيءَ جي زير سايه ٿي. پاڻ انجمن اماميه سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر پڻ رهيو. شاهه صاحب جيئن ته سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو پڙ پوٽو هو، سو پاڻ 1965ع ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي شخصيت ۽ شاعري اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجهه ادب دوستن ساٿين سان گڏجي ”سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي يادگار ڪميٽي“ جوڙي. اهو ان يادگار ڪميٽي جو پهريون صدر چونڊيو ويو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا، ادبي سيمينار ۽ مجالس عزا جا پروگرام منعقد ڪرايا ۽ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو ڪجهه سنڌي ڪلام مرتب ڪري پڌرو ڪيو. شاهه صاحب ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ڪجهه ڪتاب به لکيا جن ۾ ”چوڏهه معصومين ۽ ”سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سندس خاندان“ مشهور تصنيفون آهن، سيد ثابت علي شاهه ثالث ميرن جي قبن تي سيد امداد علي شاهه اول ولد سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو 1249هه/1833ع ۾ قائم ڪيل امام بارگاهه ”باب الحوائج“ کي پڻ ڪرايو. شاهه صاحب 10 ڊسمبر 1994ع ۾ 77 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ ثابت علي شاهه ثالثھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

سيد ثابت علي شاهه ثالث 1918ع تي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي سيد مظفر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو


1994.12.10  عيسوي

سيد ثابت علي شاهه ثالث 10 ڊسمبر 1994ع ۾ 77 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ خضر سيوستاني
سيد غلام مصطفيٰ شاهه
اي آرملڪ ڊاڪٽر
ڀڳت موهن
پلي عزيز
راڻو هميرسنگهه
ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان
ارباب ڇڄڙو
آغا محمد يحييٰ خان
ابوبڪر شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون