تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي

تيرٿ داس هوتچند، واڌواڻي: دادا تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي، حيدرآباد سنڌ ۾، 4 جون 1906ع تي ڄائو. سنڌ سرڪار جي روينيو کاتي ۾، مختيارڪاريءَ جي عهدي تان، 1953ع ۾ رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، وڪالت شروع ڪيائين. فوجداريءَ قانون جو ماهر وڪيل هو. هن لطيف شناسيءَ تي انگريزيءَ ۾ هيٺيان چار ڪتاب لکيا:
(1) The Song of Kinjhar Lake.
(2) Shah Latif: An introduction to His Seven Singing Stories.
(3) The Song of the Necklace.
(4) The Song of Songs.
زندگيءَ جي آخر تائين، لطيف شناسيءَ تي، علمي ۽ ادبي تحقيق جي ڪم ۾ مصروف رهيو. شاهه جي شاعريءَ جي سنگيت جي خيال سان هن نوٽيشن ڪئي. دادا تيرٿ دادي ليلاوتي هرچنداڻيءَ جو ڀاءُ هو. هن درويش صفت انسان 2 آگسٽ 1971ع تي وفات ڪئي .


لفظ تيرٿ داس هوتچند واڌواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.06.04  عيسوي

تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي ، حيدرآباد سنڌ ۾ ، 4 جون 1906ع تي ڄائو .


1971.08.02  عيسوي

تيرٿ داس هوتچند ، واڌواڻي 2 آگسٽ 1971ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
سلطان محمود خان بکري
شهاب الدين شيخ برهانپوري
شفقت چيما
ظهير ڪاشميري
جوش مظفر حسين
شميم آرا
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
احسان ايڇ نديم
شوڪت سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون