توفيق علي منگي

توفيق علي منگي

توفيق علي منگي

توفيق علي منگي: ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگيءَ جو جنم 27 مارچ 1971ع تي محمد ايوب منگيءَ جي گهر، دادوءَ ۾ ٿيو. بي. ايس. سي تائين تعليم استاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادوءَ مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان سماجي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. شهيد مخدوم بلاول اسڪائوٽس ضلعي دادوءَ جو اسڪائوٽس ليڊر رهيو. بزم غالب ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، مخدوم بلاول (دادو) جو ميمبر به رهيو. 2007ع کان وٺي هڪ سماجي تنظيم ”ڪلچرل هيريٽيج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن“ جو جنرل سيڪريٽري آهي.
توفيق منگيءَ صحافت جي شروعات ٻارڙن جي ميگزين ”لاٽ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان ڪئي، جنهن بعد روزاني بختور، حيدرآباد طرفان ملير ڪراچيءَ جو ضلعي رپورٽر بڻيو. ان بعد روزاني ’سوال‘ ۽ روزاني ’خلق‘ لاءِ ڪم ڪيائين. ملير پريس ڪلب جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. اردو اخبار ”امن“ ڪراچيءَ ۾ نيوز ۽ بزنس ڪنسلٽنٽ، روزاني ’پرچم‘ جو اسٽاف رپورٽر ۽ انگريزي اخبار ’ريجنل ٽائمز‘ ۾ به ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
توفيق هن وقت ثقافتي، سياحتي ۽ ادبي مخزن ماهوار ”ڪلچرل هيريٽيج“ جو ايڊيٽر ۽ پبلشر آهي. اها مخزن مئي 2004ع کان باقاعدي شايع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ معلوماتي ۽ ثقافتي مواد شامل هوندو آهي نوٽ : توفيق علي منگي 12 ڊسمبر 2013ع تي وفات ڪئي.


لفظ توفيق علي منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.03.27  عيسوي

توفيق علي منگيءَ جو جنم 27 مارچ 1971ع تي محمد ايوب منگيءَ جي گهر ، دادوءَ ۾ ٿيو .


2013.12.12  عيسوي

توفيق علي منگي 12 ڊسمبر 2013ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـبـدالمجـيـد عـابـد قاضـي
حاجي محمود هالائي
خٽڪ عبدالجبار
صلاح الدين مولانا
اسلم چنا
شوداساڻي جيرامداس
طارق قريشي
گلڻ خان ڀنڊ
طارق عزيز شيخ
الطاف حسين قريشي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون