تنها سيف بخاري

تنها سيف بخاري

تنها سيف بخاري

تنها سيف بخاري: نوجوان شاعر سيد سيف الله شاهه بخاريتنها“ ولد سيد ممتاز حسين شاهه بخاري 20 فيبروري 1977ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس تعليمي رڪارڊ تمام شاندار رهيو، پرائمريءَ کان انٽر ڪلاس تائين هميشه پوزيشن حاصل ڪندو رهيو. اهو ئي ڪارڻ هو جو کيس مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا جي طرفان سندس بهترين تعليمي ڪارڪردگي تي کيس ”شيلڊ ۽ سند“ ڏني وئي. 1994ع ۾ سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد مان انٽر وري انجنيئرنگ ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ مرحوم سيد عبدالله شاهه طرفان کيس پنجن هزارن جو چيڪ انعام طور ڏنو ويو . ان کان سواءِ ان وقت جي گورنر سنڌ هٿان سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان ” سند ۽ پرائيز بانڊ “ ڏنا ويا .
سيف بخاري اڻويهه ورهين جي ڄمار تائين ڪڏهن به پنهنجي شاعري شايع نه ڪرائي ، پر سندس وفات بعد سندس شاعريسرس آهي سونهن “ جي عنوان هيٺ سندس والد سهيڙي بخاري اڪيڊمي هالا'>سيف بخاري اڪيڊمي هالا طرفان 1997ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندي . ” تنها “ گهڻي تعداد ۾ غزل چيو آهي ، ان کانسواءِ بيت ، ترائيل ، گيت ، نظم ، چؤسٽو ، رباعي ، دوهو ، آزاد ۽ نثري نظم پڻ چيا آهن . ان کانسواءِ اردو ۾ پڻ غزل ۽ آزاد نظم لکيا اٿس . جيڪي سندس شعري مجموعي ۾ شايع ٿيل آهن . هن جي شاعري هڪ ئي وقت تي روايت ۽ جديديت سان سلهاڙيل آهي ، هي سنڌ جي ننڍي عمر وارو پختو شاعر هو .
سيف جي قلمي پورهئي ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ، مضمون ۽ ترجما پڻ اچي وڃن ٿا . ماهوار نونهال ( اردو ) ۾ شايع ٿيندڙ ٻاراڻي ناول ” تين بندوقچي “ جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيائين . سندس ڪهاڻين ، مضمونن ۽ ڊائريءَ جي ورقن کي ” ڏات نگر مان “ جي عنوان هيٺ سهيڙيو ويو آهي ، جو اڃا اڻڇپيل آهي . سندس وفات 4 مئي 1996ع تي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.20  عيسوي

سيد سيف الله شاهه بخاري ” تنها “ ولد سيد ممتاز حسين شاهه بخاري 20 فيبروري 1977ع تي هالا ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادق علي ڪنڀر
حاجي محمد اسحاق هالائي
رضوي همت علي شاهه
پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا
خوش خير محمد هيسباڻي
اسد قصه خوان
ديدڙ شاهه محمد
پريل سومرو
امداد جتوئي
رسول حمزه توف
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون