داخلا نمبر 4728
عنوان تنزانيا
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 250 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تنزانيا

تنزانيا

تنزانيا

تنزانيا (Tanzania ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو متحده جمهوريه تنزانيا (United Republic Of Tanzania) آهي، هي ڏکڻ اوڀر آفريڪا ۾ آهي. هن جي اتر ۾ ڪينيا ۽ يوگينڊا، اوڀر ۾ هندي سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق، مالاوي ۽ زميبيا، اولهه ۾ ڪانگو (زائري)، برونڊي ۽ روانڊا آهن. تنزانيا هڪ جابلو ملڪ آهي. مٿانهين سطح جي بلندي 12 ميٽرن تائين آهي، پر ڪناري وارو علائقو سنئون آهي. ٽڪرين جا سلسلا اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه طرف وڌن ٿا. تنزانيا ۽ رنجبار، پمبا ۽ مافيا جا ٻيٽ به شامل آهن. تنزانيا جي ڪل پکيڙ 945087 چورس ڪلوميٽر (364990 چورس ميل) ۽ آبادي 3 ڪروڙ 19 لک 63 هزار آهي. هتان جي موسم گرم ۽ گھميل هوندي آهي. جون جولاءِ سردي ۽ جنوري فيبروري گرمي جا مهينا آهن. ٽڪرين جي موسم خوشگوار رهي ٿي. تنزانيا جي گادي جو هنڌ دارالسلام ڊوڊوما (Dar-Us-Salam Dodoma) آهي، تنزانيا جي سرڪاري ٻولي سواحلي ۽ انگريزي آهي، جڏهن ته نبتو، عربي ۽ هندي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.
تنزانيا هڪ آزاد ۽ خودمختيار وفاقي جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. هتان جي زرعي پيداوار ۾ لونگ، سيسل (رڳدار ٻوٽو)، ڪپهه، چانهه، ڪافي، تماڪ، ناريل، ڪاجو، گرم مصالحو، چانور ۽ ڪمند آهي. ۽ مکيه صنعت ۾ فوڊ پروسيسنگ، ڪپڙو اڻڻ، تيل جي صفائي، سيمنٽ، ايلومينيم جا ٿانو، چمڙي جون شيون، ڪيميائي شيون ۽ صابڻ آهي. تنزانيا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 اپريل 1964ع آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون