داخلا جي تاريخ 2013-03-20
داخلا نمبر 5815
عنوان تقليد
شاخ اسلام
پڙهيو ويو 152 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تقليد

تقليد: تقليد جي لفظي معنيٰ ”ڪنهن جي پابندي يا پيروي ڪرڻ“ آهي. گهڻو ڪري هيءُ اصطلاح اسلامي شريعت جي فقهي حڪمن ۾، شريعت ۽ طريقت جي معاملن ۾ ٻارهن امامن جي پيروي ڪرڻ يا وقت جي نائب امام جي رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. حضور صلعم ۽ ٻارهن امامن جي پڻ تقليد واجب سمجهي ويندي آهي، هن وقت حضرت امام مهدي عليه السلام جي تقليد واجب آهي، ان کانسواءِ فقهه جي چئن امامن (امام ابو حنيفه رحه، امام مالڪ رحه، امام شافعي رحه، امام ابن حنبل رحه) مان، ڪنهن جي ٻڌايل مسلڪ جي پابنديءَ لاءِ ڪم ايندو آهي. تقليد جي اصطلاحي معنيٰ آهي ”ڪا شيءِ ڪنڌ يا ڳچيءَ ۾ لٽڪائڻ“. هيءُ اصطلاح هونئن ٽن معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي: (1) عربن جي قديم رسم موجب قربانيءَ جي اُٺ جي ڪنڌ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌندا هئا، جنهن کي قلاده چئبو هو. امام مالڪ جو خيال آهي ته قلاده بندي انهيءَ ڪري ڪئي ويندي هئي، جيئن اُٺ کي سفر ۾ نظر نه لڳي، (2) فوجي محڪمي ۾ ڪنهن شخص کي ڪنهن عهدي تي مقرر ڪرڻ. مقرريءَ جي صورت اها هوندي ته انهيءَ شخص جي چيلهه سان تلوار ٻڌبي آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهيءَ شخص کي حڪومت جي انتظامي محڪمي ۾ ڪونه ڪو عهدو مليل آهي، جنهن ۾ قاضيءَ جو منصب به شامل آهي، (3) تقليد اها آهي ته انسان ڪنهن غير حجت جي قول يا فعل کي صحيح مڃي، ان جي دليل تي غور ڪرڻ کان سواءِ، ان کي قبول ڪري. انهيءَ معنيٰ ۾ تقليدَ اجتهاد جو ضد آهي.
تاريخي طور تقليد جي شروعات انهيءَ زماني ۾ ٿي، جڏهن مذهب جي تڪوين (خلق ڪرڻ، عالمِ وجود) ٿي. امام شافعي، لفظ تقليد کي انهيءَ معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪيو آهي، جيڪا پوءِ اصطلاحي طور رائج ٿي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي: ’پيروي، پوئلڳي‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو