تعمير حسين

تعمير حسين

تعمير حسين

تعمير حسين: ناميارو گلوڪار ۽ ڪمپوزر تعمير حسين، پنھنجي دؤر جي مشھور موسيقار ۽ فنڪار استاد غلام عليءَ جي گهر 4 آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن راڳ جي ابتدائي سکيا پنھنجي والد جي نظرداريءَ هيٺ ورتي. ان کانپوءِ محسن رضا جي شاگردي اختيار ڪئي. 1983ع ۾ پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ کيس پي. ٽي. ويءَ تي متعارف ڪرايو، جتي هن ڪيترائي ڪلام ڳايا. سنڌي، سرائڪي، پنجابي، بلوچي، اردو ۽ راجستانيءَ ۾ سٺو ڳائي ٿو. پي. ٽي. وي تان پيش ٿيل پروگرامن: همرچو، کٽڻھار، بوند بھار، چھچٽو، پرک، گهڙيال، سنڌ سينگار، آبادگار، رنگ ترنگ، ميوزڪ فيسٽيول، ٽيلي شو، معين اختر شو ۽ بزم غزل وغيره ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ريڊيي پاڪستان تي کيس 1994ع ۾ نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. سنڌ ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، ڪشش، مھراڻ، آواز ۽ ڌرتي چينل کان علاوه ڪيترين ئي فلمن ۾ ڳائي چڪو آهي. پاڪستان کان ٻاهر هانگ ڪانگ، دبئي ۽ هندستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پروگرام ڪيل اٿس. هن غلام علي، محسن رضا، غلام نبي عبداللطيف، فيروز گل، امانت جاويد الله دته، اختر الله دته، فتح علي خان، ظفر علي خان، لال محمد اقبال، نياز احمد ۽ فرح عابد سميت ٻين جي ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ ڳايو آهي. هن شاهه لطيف ۽ بُلھي شاهه کانسواءِ سنڌي توڙي اردو جي ڪيترن ئي جديد شاعرن جي شاعري ڳائي آهي. مختلف ڪمپنين پاران سندس 4 ڪئسٽون جاري ٿيل آهن. کيس ٻه ڀيرا پي. ٽي. وي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


لفظ تعمير حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.10.04  عيسوي

ناميارو گلوڪار ۽ ڪمپوزر تعمير حسين، پنھنجي دؤر جي مشھور موسيقار ۽ فنڪار استاد غلام عليءَ جي گهر 4 آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز محمد موسيٰ
جلال محمد مخدوم
دائودپوٽو ولي
پسند علي عاصي
ريڊڪلف اوارڊ
جي جي مور
ٻاجهي فقير خاصخيلي
راڻو رتن سنگهه
پيٽراعظم
ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون