داخلا جي تاريخ 2013-02-12
داخلا نمبر 5408
عنوان تسبيح
شاخ مذهب
پڙهيو ويو 226 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تسبيح

تسبيح

تسبيح

تسبيح: تسبيح لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ سبح مان نڪتل آهي، تسبيح جي معنيٰ آهي ڌڻيءَ جي وڏائي بيان ڪرڻ ۽ داڻن جي مالها (جنهن تي ذڪر ڪيو وڃي). عام طرح تسبيح ۾ هڪ سئو داڻا ٿيندا آهن، انهن ۾ 33 داڻن کان پوءِ هڪ واڌو داڻو شامل ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ ته ’ذڪر‘ جي ڳڻپ ۾ آساني ٿئي. ڪي تسبيحون هونديون ئي 33 داڻن جون آهن. يارهن (11) داڻن واري تسبيح به ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪئي ويندي آهي. مسلمان تسبيح پڙهندڙ گهڻو ڪري ’مرجان‘ جي داڻن واريءَ تسبيح کي پسند ڪندا آهن. اڪثر خاڪ شفا، يا قوت، حسيني يا قوت، تامڙي، شاهه مقصود جي پٿرن جون تسبيحون استعمال ڪندا آهن.
تسبيح ذريعي ڌڻيءَ جو ذڪر ڪرڻ جو رواج قديم عيسائين ۽ هندن ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي.
تسبيح لفظ مسلمان ڪم آڻيندا آهن، ٻين ڌرمن وارا تسبيح بدران مالها يا ٻيو لفظ استعمال ڪندا آهن. مسلمان تسبيح تي ذڪر، ورد ۽ وظيفو ڪندا آهن، ذڪر، ورد ۽ وظيفي ۾ الله جا اسم مبارڪ، قرآن مجيد جون مختلف آيتون، سورتون، صلواتون ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ سندن آل پاڪ جا ڏسيل وظيفا ۽ دعائون پڙهيون وينديون آهن. بيبي فاطمة الزهره ؑ جي نالي سان هڪ تسبيحتسبيح فاطمه‘ پڻ مشهور آهي، ان کانسواءِ مسلمان الله هو، لااله الالله ۽ حق هو، جو ورد تمام گهڻي ڪثرت سان ڪندا آهن. تسبيح تي ٿيندڙ ورد ۽ وظيفا اڪثر چلن (چاليهه ڏينهن) جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ عام طرح هر نماز کان پوءِ به هڪ يا ٻه تسبيح (ذڪر خدا) پڙهيون وينديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابري مسجد
بابلي مذهب
باس
باسڻ
آتش پرست
آتش پرستي
آتش ڪده
آتما
بپتسمو
آچاريه
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون