داخلا جي تاريخ 2013-01-31
داخلا نمبر 5236
عنوان ترڪ
شاخ قوم
پڙهيو ويو 330 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ترڪ

تُرڪَ: تاريخ ۾ ترڪ لفظ، سڀ کان اڳ ڇهين صدي عيسويءَ ۾، هڪ خانه بدوش قوم سان منسوب ملي ٿو. انهيءَ صديءَ ۾ ترڪن هڪ طاقتور بدوي سلطنت قائم ڪئي، جيڪا منگوليا ۽ چين جي اُترينءَ سرحد کان وٺي ڪاري سمنڊ تائين پکڙيل هئي. هن سلطنت جو باني 552ع ۾ فوت ٿيو ته سندس ڀاءُ الهندي طرف ملڪ فتح ڪيا. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٻئي ڀائر، هڪٻئي کان جدا ۽ خودمختيار هئا، انهيءَ ڪري ٻنهي حڪومتن کي چين جي اتر وارن ترڪن ۽ اوڀر- اولهه وارن ترڪن جون حڪومتون چئي سگهجي ٿو. ان زماني ۾ ’سوئي‘ نالي چيني حڪمران اقتدار حاصل ڪري 581ع ۾ ٻنهي ترڪ حڪومتن کي زير ۽ زبر ڪري ڇڏيو. اُترينءَ ترڪي سلطنت جا ترڪ 682ع ۾ ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اها حڪومت 744ع تائين قائم رهي. انهن قديم ترڪن جو پنهنجن اولهه ۽ اوڀر وارن خانه بدوش ترڪن سان ڪهڙو تعلق هو، ان بابت اهو ثابت ڪرڻ جون ڪوششون پئي ٿيون آهن. يورپ ۾ ائين سمجهيو ويو آهي ته اُهو ’قديم خانه بدوش‘ قبيلو، خاص ڪري ’سٿيائي ترڪن‘ (Scythian) سان نسبتي تعلق رکندڙ آهي. ”هن (Hun) لوڪن“ جي زبان بابت تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اُنهن جي زبان ”ترڪي“ هئي. قديم ترڪ قوم جي ڪتبن مطابق لفظ ”ترڪ“ ”برتريءَ“ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي. اڳ غالباً ”ترڪ“ فقط هڪ قبيلي جو نالو هو، بلڪ ائين چئجي ته ”اُهو هڪ حڪمران خاندان جو نالو“ هو. قرغيز به ترڪيءَ جو هڪ قبيلو هو، جنهن ابتدا (1840ع) ۾ ترڪن جي حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. قرغيز ترڪي نسل وارين قومن مان آخري قوم هئي، جيڪا منگوليا ۾ آباد رهي. شهر ڪاشغر سندن علائقي ۾ هو. ممڪن آهي ته اوغوزيا ترڪمان (اِهي ٻَئي نالا 11 صديءَ کان ملن ٿا) سي انهن خانه بندوش ايرانين جي اولاد مان هجن، جن ترڪ قوم جا طور طريقا اختيار ڪري ورتا هئا ۽ جن جي خاص سڃاڻپ چورس هٿ هئا. اوغوز ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا ۽ بُتن جي پوڄا ڪندا هئا. تُرڪن ۾ عيسائيت به رائج هئي. قِرغيزِ، قِيچان، اوغوز، تُخسي، يَغما، چِگل، اغراق ۽ چرق قبيلن جون ٻوليون نج ترڪي هيون. ترڪماني زبان ان وقت به ترڪيءَ جي ٻين ٻولين کان گهڻيءَ حد تائين مختلف هئي. جيتوڻيڪ هجرت جي اوائلي صدين ۾ ترڪي، حملي آورن جي خلاف بچاءَ واري جنگ کان سواءِ، ترڪ علائقي ۾ فوج ڪشي به ڪئي، تنهن هوندي به مسلمانن جي جنگي ڪاميابين جو ترڪن جي اسلام قبولڻ تي گهٽ اثر پيو، انهيءَ ڪري جو مسلمانن انهن اصول تي عمل ڪيو ته ”جيستائين توهان سان هو نٿا وڙهن، تيستائين توهين به ساڻن نه وڙهو.“ انهن ئي حالتن ۾ ترڪن دير سان اسلام قبول ڪيو.
وسيع معنيٰ ۾ هيءُ لفظ ترڪي، روس، چيني ترڪستان ۽ ايران جي ترڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ وقف آهي. ترڪ، اوڀر سائيبريا کان وٺي دره دانيال تائين پکڙيل آهن، ۽ سندن پاڻ ۾ لاڳاپو صرف مذهبي ۽ لساني آهي. اڄ گهڻو ڪري سڀني ترڪن جو مذهب اسلام ۽ سندن ٻولي ترڪي آهي. اصل ترڪ غالباً اتر سائبيريا ۽ ترڪستان ۾ آباد هئا. پوءِ ڏکڻ ۽ اولهه طرف وڌندا ويا ۽ ايشيا ۾ ڪيتريون سلطنتون قائم ڪيائون. اولهه ايشيا ۽ يورپ ۾ سلجوقين ۽ عثماني ترڪن جو اقتدار رهيو. سلجوقين کي ايران ۾ ڏهين صديءَ ۾ عروج حاصل ٿيو. 1071ع ۾ بازنطيني بادشاهه کي شڪست ڏئي، پنهنجي سلطنت قائم ڪيائون ۽ صليبي لڙاين ۾ حصو ورتائون. سلجوقي سلطنت ٻارهينءَ صديءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، ۽ انهن رياستن تي تاتارين قبضو ڪيو. عثمانين، عثمان (پهرئين) جي اڳواڻيءَ ۾، چوڏهينءَ صديءَ ۾، عظيم الشان عثماني سلطنت قائم ڪئي. موجوده ترڪيءَ جا ماڻهو ’عثماني ترڪ‘ سڏائيندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قوم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انگريز
ثمود
ٺاڪريا
ترڪ
پٺاڻ
قوم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون