ترقي

ترقي (رسالو ):حڪيم عبدالخالق ”خليق“ مورائيءَ جي رهنمائيءَ ۾ هيءُ رسالو آڪٽوبر 1925ع ۾ جاري ٿيو. هيءُ رسالو ڪراچيءَ مان مختلف وقتن تي مختلف هنڌن تان، ڪڏهن رانگي واڙي مان، ڪڏهن ميٺادر مان ته ڪڏهن وري بمبئي بازار مان شايع ٿيندو هو. هن رسالي ذ ريعي وقت ۽ حالتن کي سامهون رکي سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي، مذهبي، اخلاقي ۽ تاريخي شعور پيدا ڪئي ويندي هئي. اُن دور جا اڪثر اهلِ قلم هن رسالي لاءِ پنهنجا مضمون لکندا هئا، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، عبدالله ”عبد“، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ حافظ جان محمد ’هالائي‘ قابل ذڪر آهن .


لفظ ترقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو