داخلا نمبر 6121
عنوان تحريڪ پاڪستان
شاخ تاريخي ۽ سياسي واقعا
پڙهيو ويو 611 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٻيو

تحريڪ پاڪستان

تحريڪ پاڪستان: هندستان تي انگريزن جو قبضو جڏهن ظلم ۽ ناانصافيءَ جي صورت ۾ محسوس ٿيڻ لڳو ته اتان جي سڀني ماڻهن، هندن توڙي مسلمانن گڏجي بغاوت ڪئي ۽ آزاديءَ لاءِ هلچل شروع ڪيائون، انهن تحريڪن ۾ لاها چاڙها به ايندا رهيا. اها هڪ گڏيل تحريڪ هئي، جنهن جو مقصد صرف انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ هو، جڏهن ته تحريڪ پاڪستان جي آغاز بابت مختلف مؤرخن ۽ مصنفن پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. ڪن اردو جي مؤرخن ته ان کي هندوستان ۾ اسلام جي آمد واري دور سان ڳنڍيو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين مناسب نه آهي، ڇو ته اهو گهڻو اڳ جو دور آهي، ڪي مصنف وري 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کان ئي پاڪستان جي تصور بابت دعويٰ ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ پاڪستان يا مسلمانن لاءِ الڳ رياست جو خيال گهڻو پوءِ پيش آيو ۽ ان تي ڀرپور طريقي سان پيش رفت ٻه قومي نظريي کان پوءِ ٿي. (وڌيڪ ڏسو: ٻه قومي نظريو) انگريز، جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بهاني (ڏسو: انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني) هندستان تي قابض ٿيا ۽ مختلف طريقن سان هندن توڙي مسلمانن جي ذلت ڪندا رهيا ۽ انهن کان آزادي حاصل ڪرڻ تنهن وقت هندن توڙي مسلمانن جو گڏيل مسئلو هو، پر جيئن ته مسلمانن وٽ الڳ مذهب، ريتن رسمن ۽ آباديءَ جو فرق واضح هو، تنهن ڪري الڳ رياست جي سوچ جنم ورتو. ان ڏس ۾ مختلف رايا منظر عام تي ايندا رهيا، جن مان ڪجهه حوالا هتي پيش ڪجن ٿا. 1883ع ۾ ڊبليو ايس بلنٽ چيو هو ته: ”هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائجي، اترين حصي تي مسلمانن جي حڪومت هجي ۽ ڏاکڻين حصي تي هندن جي؛“ 1984ع ۾ سرجان اسٽريجي جو چوڻ هو ته: ”هندستان نه ڪڏهن هڪ هو نه هڪ آهي، برطانوي راڄ سان جيڪو اتحاد پيدا ڪيو ويو هو، اهو هڪ منصوبو آهي ۽ ان سان ته ڪڏهن به قوم متحد نه ٿي سگهندي؛“ 1890ع ۾ مولانا عبدالحليم شرر چيو ته: ”بهتر ٿيندو ته هندستان ۾ هندو ۽ مسلمان صوبن ۾ ورهائي آباديءَ جي مٽاسٽا ڪئي وڃي؛“ 1899ع ۾ ٿيوڊور مارسين جو چوڻ هو ته: ”مسلمان پاڻ کي هندستاني تصور نه ٿا ڪن، گڏيل هندستان جو قيام ناممڪن آهي، مسلمانن ۾ هڪ گڏيل قوم جون سموريون خاصيتون موجود آهن، سواءِ علائقي جي.“ 1921ع ۾ مولانا حسرت موهاني، اهو خيال پيش ڪيو ته ”مسلمان اڪثريتي صوبن کي مسلم رياستن ۽ هندو اڪثريتي صوبن کي، هندو رياستن ۾ تبديل ڪيو وڃي؛“ 1923ع ۾ ڀائي پرمانند، اهو خيال سامهون آندو ته: ”هندستان کي اهڙي نموني ورهايو وڃي جو، هڪڙي خطي ۾ اسلام کي سرسري حاصل هجي ۽ ٻئي ۾ هندومت کي سرسري حاصل هجي؛“ 1928ع ۾ مولانا اشرف علي چيو ته: ”هندوستان ۾ هڪ ڌار مسلم رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي“. 1928ع ۾ سر آغا خان اڳڪٿي ڪندي چيو ته: ”جڏهن هندوستان غير ملڪي قبضي مان آزاد ٿي ويندو ته ان جي مضبوطي برقرار نه رهي سگھندي ۽ اتر، اوڀر ۽ اولهه جا مسلمان پنهنجون ڌار رياستون ٺاهيندا؛“ 1928ع ۾ مشهور صحافي مولانا مرتضيٰ احمد خان ميڪش اهو خيال پيش ڪيو ته: ”هڪ مسلمان ملڪ جو قيام عمل ۾ اچڻ گهرجي، جيڪو پنجاب، سنڌ بلوچستان ۽ سرحدي علائقن تي مشتمل هجي ۽ ان مطالبي کي بين الاقوامي طور تي مڃيل اظهار جي آزاديءَ واري حق تحت منظور ٿيڻ گھرجي؛“ ان بعد حالتن کي مد نظر رکندي 1928ع ۾ نهرو رپورٽ جي منظوري وقت قائداعظم محمد علي جناح پنهنجو تاثر ڏيندي چيو هو ته: ”هي رستا ڌار ٿيڻ جو وقت آهي؛“ 1929ع ۾ نواب ذوالفقار علي خان چيو هو ته ”مسلمانن کي بجاءِ حقن جي ڌار ملڪ جو مطالبو ڪرڻ گھرجي.“ 1930ع ۾ علامه اقبال الهه آباد واري خطبي ۾ چيو هو ته: ”بهتر ائين ٿيندو ته پنجاب، اترين، اولاهين سرحدي صوبي سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي، هڪ رياست ٺاهجي، جيڪا برطانـــوي سلــطنــت جي انـــدر يــا ٻــاهر خودمختياري رکندي هجي.“ 1933ع ۾ چوڌري رحمت علي هڪڙو ڪتابڙو بعنوان ”اب يا ڪڀي نهين“ شايع ڪيو، جنهن ۾ لفظ ”پاڪستان“، پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو ”پ“ پنجاب مان، ”ا“ افغان صوبي مان، ”ڪ“ ڪشمير“ مان، ’س‘ سنڌ مان ۽ تان بلوچستان جي آخري حرفن مان کڻي، هي نالو ٺاهيو ويو. 1938ع ۾ مسلم ليگ قرارداد پيش ڪئي ته: ”هندوستان کي مسلم وفاق ۽ هندو وفاق ۾ ورهايو وڃي“. 1938ع کان 1939ع دوران مختلف ماڻهن ڌار رياست جي قيام جون تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ چوڌري خليق الزمان، سر حاجي عبدالله هارون، پير علي محمد راشدي، عبدالرحمٰن صديقي، ميان ڪفايت علي، ڊاڪٽر سيد ظفر الحسن، ڊاڪٽر محمد افضال حسين قادري، مولانا عبدالستار نيازي، ظفر علي گوندل، محمد شريف طوسي، مولوي محمد فاروق، عبدالودود، مولانا راغب احسن، مولانا ظفر علي خان، الله بخش يوسفي ۽ ٻيا شامل هئا. 1938ع کانپوءِ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ نئين سر تنظيمسازيءَ کانپوءِ قائداعظم جي قيادت ۾ فعال ٿي وئي. 4 فيبروري 1940ع تي دهلي ۾ ٿيل مسلم ليگ جي مجلس عامله ۽ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته، ان جي باقاعدي تجويز ايندڙ مهيني مارچ ۾، لاهور ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس ۾ پيش ٿيندي. 6 فيبروريءَ 1940ع تي قاعداعظم وائسراءِ هند، لارڊ لينلٿگو سان ملاقات ڪئي ۽ سندس اڳيان واضح ڪيو ته، هو مسلم ليگ پنهنجي لاهور واري عام جلسي ۾، هندستان جي ورهاست جو مطالبو ڪرڻ واري آهي. 23 مارچ 1940ع ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيل ستيتاليهين اجلاس ۾ ”قرارداد لاهور“ پيش ڪئي ويئي. جيڪا بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪئي. 24 مارچ 1940ع تي ”قرارداد لاهور“ جي عام جلسي ۾ منظوري ڏني وئي. سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، عبدالمجيد شيخ، خان اورنگزيب خان، سر عبدالله هارون، نواب اسماعيل خان، قاضي محمد عسيٰ، بيگم مولانا محمد علي جوهر، آءِ آءِ چندريگر، مولانا عبدالحامد بدايوني ۽ ٻين ان جي تائيد ڪئي. اها ئي قرارداد بعد ۾ ”قرارداد دهلي“ سان شامل ٿي ”قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان مشهور ٿي. قرارداد لاهور: 22، 23 ۽ 24 مارچ تي لاهور ۾ ڪل هند مسلم ليگ جي ستاويهين اجلاس ۾ اهو تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. جنهن کي اڄڪلهه ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن کي پنهنجي آزاديءَ جو چٽو ۽ پڌرو تصور ڏنو ۽ سياسي منزل جو صحيح رخ ڏيکاريو ته جيئن آزاديءَ جي تحريڪ کي انهيءَ هڪ تي نصب العين حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هي اجلاس ڏاڍو مهلائتو ثابت ٿيو. برطانيه سرڪار اعلان ڪيو هو ته قانون حڪومت هند مجريه 1935ع ۾ جنهن پاليسيءَ جو ذڪر ڪيو ويو هو، ان ۾ ترميم ضروري ٿي پئي آهي. انهيءَ قانون ۾ وفاقِ هند واري تجويز کي اڳيئي ملتوي ڪيو ويو هو ۽ هڪ نئين تجويز ۾ مسلمانن جي نقطهء نظر تي غور ڪرڻ ضروري سمجھيو پئي ويو. انهيءَ ڪري موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان اهو ضروري ٿي پيو هو ته جنهن قسم جو آئين مسلمانن چاهيو ٿي، ان جي وضاحت ڪئي وڃي. لاهور جي ٺهراءُ جو اهو ئي مقصد هو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن براعظم (هندستان) جي اتر الهندي ۽ اوڀرندي حصن کي جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي، اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو وڃي ته جيئن اهي آزاد رياستن جا آئيني يونٽ (وحدتون) بڻجي پون، جيڪي پنهنجي سر خودمختيار ۽ خودڪار هجن. قرارداد لاهور جي عبارت ”مينارِ پاڪستان“ تي اُڪريل آهي. جيڪا هن ريت آهي: (1) آئيني مسئلي تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلسِ عامله (ورڪنگ ڪميٽي) جي هن قدم جي تائيد ۽ توثيق ڪندي، جيڪو هن جي 27 آگسٽ، 17 ۽ 18 سيپٽمبر، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿو، انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو هيءُ اجلاس، ان تي زور ڏئي ٿو ته، اهو وفاقي منصوبو، جنهن جو ذڪر گورنمينٽ انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي، قطعاً غير موزون، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر، ناقابل عمل ۽ هندستاني مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو ناهي. (2) هن اجلاس جي حتمي راءِ هيءَ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ حڪومت طرفان ڪيو، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي ته جنهن مسلڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع مبني آهي، ان تي هندستان جي مختلف جماعتن، مفادن ۽ فرضن جي مشورن سان ٻيهر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، پر هندستاني مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندو، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي نئين سر غور نه ڪيو وڃي ۽ ڪو نئون منصوبو مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو نه هوندو، جيستائين اهو انهن جي رضامنديءَ ۽ منظوريءَ سان ترتيب نه ڏنو وڃي. (3) طئي ڪيو ويو ته انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هي گڏيل راءِ آهي ته ڪو به آئيني منصوبو ايستائين هن ملڪ ۾ عمل ۽ مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو به هوندو، جيستائين هنن بنيادي اصولن تي نه جوڙيو وڃي. يعني جاگرافيائي طور تي لاڳاپيل وحدتن جي حد بندي اهڙن خطن ۾ ڪئي وڃي (مناسب علائقائي ڦير ڦار سان گڏ) ته جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مثلاً: هندستان جي اترئين، اولاهين ۽ ڏاکڻين حصي جي جوڙجڪ اهڙي ”آزاد رياستن“ جي صورت ۾ ڪئي وڃي، جنهن ۾ شامل وحدتون خودمختيار ۽ حاڪميت جو حق رکندڙ هجن. انهن وحدتن ۽ خطن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ ۽ انهن جي مشوري سان آڻين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، انهن جي ۽ ٻين اقليتن جي مذهبي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب، موثر ۽ حڪمي تحفظ انهن جي مشوري سان ۽ آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي. وڌيڪ اهو ته هي اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪن، جنهن جي روشنيءَ ۾ ذڪر ڪيل علائقن کي ڪل اختيار حاصل ٿي وڃن. مثلاً: دفاع، پرڏيهي معاملا، ڳانڍاپي جا وسيلا، ڍل ۽ اهڙا ٻيا معاملا جيڪي ضروري سمجھيا وڃن.“ قرارداد لاهور جي محرڪن ۽ تائيد ڪندڙن جي تقريرن ۾ ”پاڪستان“ جو لفظ ته استعمال نه ڪيو ويو هو. ها باقي امجدي بيگم (مولانا محمد علي جوهر جي گهري واري) پنهنجي تقرير ۾ ان کي ”قرار دادِ پاڪستان“ چيو، اهو به ان جي ڪري ته چوڌري رحمت علي جي ڪوشش سان لفظ ”پاڪستان“ مشهور ٿي چڪو هو. پر ڪانگريس جي هندو پريس هن لفظ کي طنزيه طور تي ايترو ته اڀاريو، جو هي لفظ ازخود هر ماڻهوءَ جي زبان تي اچي ويو. پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ پٺيان مٿي ڏنل پس منظر جو عمل دخل آهي. 1940ع جي اجلاس ۾ قائداعظم صدارتي تقرير ڪندي چيو هو ته ”مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جا هندو دوست، اسلام ۽ هندومت جي فرق جي نوعيت کي سمجھڻ کان لاچار ڇو آهن. اسلام ۽ هندو رڳو مذهب ناهن، پر حقيقت ۾ ڌار معاشرتي نظام آهن. اهو ٺلهو خواب آهي ته هندو ۽ مسلمان گڏجي هڪ گڏيل قوميت تخليق ڪري سگهن ٿا. جناح صاحب وڌيڪ چيو ته گڏيل هندوستاني قوم جو غلط تصور حد کان وڌي ويو آهي. اها ئي اسان جي ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ مسئلن جي اصل پاڙ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي تصورن جي وقتائتي اصلاح نه ڪئي ته هندستان تباهه ٿي ويندو ۽ مسلمان مختلف مذهبن، فلسفن، معاشرتي نظامن سان واسطو رکن ٿا، جن جو بنياد اهڙن فڪرن ۽ تصورن تي پيل آهي، جيڪي هڪٻئي جي ضد ۾ آهن. انهن جي زندگيءَ جو نظريو مختلف آهي. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته هندو ۽ مسلمان پنهنجون، پنهنجون تمنائون ۽ احساس مختلف رکن ٿا. انهن جا ڪتاب مختلف، آدرشي ڪردار مختلف، ۽ ڪهاڻيون مختلف آهن. اڪثر ڪري هڪ قوم جو هيرو، ٻي قوم جو دشمن هوندو آهي، هڪ قوم جي فتح، ٻي قوم جي شڪست هوندي آهي. اهڙين ٻن جدا قومن کي رياست تحت زبردستي گڏ ڪرڻ سان جڏهن ته عددي لحاظ کان اقليت ۽ اڪثريت جو به وڏو فرق آهي، لازمي طور تي بي اطميناني پيدا ٿيندي ۽ هر اهو آئيني ڍانچو نيٺ تباهه ٿي ويندو، جيڪو اهڙي رياست لاءِ ٺاهيو ويندو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”قرارداد پاڪستان“ جي منظوري: 3 مارچ 1943ع تي سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو. جيڪو محترم جي. ايم. سيد پيش ڪيو هو. ان اجلاس ۾ جيڪي ميمبر شريڪ ٿيا هئا انهن ۾: شيخ عبدالمجيد، آکجي رتنسنگ سوڍو، علي گوهر خان مهر، الله بخش خداداد خان گبول، الله داد خان، امام بخش خان ٽالپر، امير علي ٺارو خان لاهوري، ارباب توڳاچي، مير محمد ٽالپر، بنده علي خان ٽالپر، ڏيئل مل دولترام، غلام علي خان ٽالپر، غلام الله خان مير، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، غلام مرتضيٰ شاهه، غلام النبي شاهه، گوبند رام پريتم داس، گوڪلداس ميولداس، هيمنداس روپچند واڌواڻي، هوسيڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڊبليو. بي، هوتچند هيرانند، پير الاهي بخش، جان محمد جوڻيجو، جينو ٻائي جي. الانا، قيصر خان، غلام محمد خان، لولومل ريواچند، ماهن ڪرنل ايڇ جي، سيد محمد علي شاهه، محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، نواب غيبي خان چانڊيو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف خان چانڊيو، نهچلداس ڇتومل وزيراڻي، سيد نور محمد شاهه، پرتاب راءِ، خير سکداس، رسول بخش خان انڙ، شمس بارڪزئي ۽ سهراب خان سرڪي شامل هئا. ڪارروائي جي شروع ۾ اسيمبليءَ جي ميمبرن واسطيدار وزيرن کان صوبائي مسئلن بابت سوال پڇيا، جن جا هنن جواب ڏنا. سائين جي. ايم. سيد اسپيڪر جي اجازت سان پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته: ”هي ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو ته هز ايڪسيلينسي وائسراءِ جي معرفت، هز مئجسٽي جي سرڪار تائين هن صوبي جي مسلمانن جون خواهشون پهچايون وڃن ته جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ جدا قوم آهن، جن جو مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايتون، سياسي ۽ اقتصادي نظريا به مختلف آهن، جيڪي هندن کان بلڪل علحده آهن، تنهنڪري کين حق پهچي ٿو ته هڪ قوم ٿي رهن؛ جن جون پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن، جيڪي هندستان جي ننڍي کنڊ جي انهن علائقن مان ٺاهيون وڃن، جتي اهي (مسلمان) اڪثريت ۾ آهن، تنهنڪري اهي پرزور اعلان ٿا ڪن ته کين اهڙو ڪوبه آئين قبول نه هوندو، جيڪو مسلمانن کي هڪ اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رکي، جنهن تي ٻيا قابض هجن ۽ جيئن ته ايندڙ وقت ۾ کين پنهنجن اصولن مطابق آزاديءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو؛ تنهنڪري هنن لاءِ ضروري آهي ته سندن پنهنجون آزاد قومي رياستون هجن ۽ اهڙي ريت جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو ته ان جي ڪري خوفناڪ ۽ ڏکين نتيجن واري گھرو جنگ يقيني آهي.“ ان ٺهراءَ جي 24 ميمبرن حمايت ڪئي، جڏهن ته صرف ٽن مخالفت. جن ميمبرن مخالفت ڪئي انهن ۾ راءِ گوڪلداس ميولداس، ڊاڪٽر هيمنداس آر. واڌواڻي ۽ مسٽر لولومل آر. موٽواڻي شامل هئا. تحريڪِ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو: پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ سنڌ جيڪو بنيادي، اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي. اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي اصلي خالق سنڌ ئي آهي. اصل ۾ هندن جا انتها پسند رويا ڏسي سنڌ جي مسلمانن محسوس ڪيو ته هندو ڪڏهن به سندن خيرخواهه نه ٿي سگھندا، انهيءَ ڪري مسلمانن جي هڪ مضبوط جماعت ۽ قيادت جي سخت ضرورت محسوس ڪئي وئي. انهيءَ نقطه نگاهه کان هنن پنهنجي ڀلائي ۽ بهتري مسلم ليگ سان وابستگي ۾ ئي سمجھي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل ۽ مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. هن شاخ جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو بمبئي وڃي قائداعظم سان ملي، اجازت وٺي آيو. شاخ قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ٿيڻ لڳا. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ ڪوٺيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت ٺاهي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگھن. ان ٺهراءُ جو پس منظر بيان ڪندي پير علي محمد راشديءَ لکيو آهي ته: ”مون حاجي صاحب (عبدالله هارون) کان پڇيو ته ان مسئلي (مسلمانن جي حقن) جو مستقل حل اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو آهي؟“ فرمايائين ته: ”حل ٻيو ڪهڙو آهي؟ سواءِ ان جي ته هندوستان کي ورهائي ان جا ٻه حصا ڪجن ۽ اهي علائقا جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مسلمانن جي حوالي ڪيا وڃن.“ انهن ئي جذبن ۽ ارادن ماتحت ڪراچي ڪانفرنس جي مهتم سيٺ حاجي عبدالله هارون، ڪراچي ڪانفرنس جي اجلاس ۾ استقبالي خطبي ۾ چيو هو ته: ”اسان اڳ ۾ ئي ان منزل تي پهچي چڪا آهيون، جتان اسان جا رستا جدا جدا ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جو (حق ۽ مطالبن جو) مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي ته دنيا جي ڪابه طاقت هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ ڪٽجي، ورهائجي وڃڻ ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشنن هيٺ رهڻ کان روڪي ڪانه سگھندي.“ ان ڪانفرنس ۾ قائداعظم يادگار تقرير ۾ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته سنڌ صوبو هندوستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون، انهن کان اوهان باخبر آهيو. جيڪڏهن اوهان پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو ته اوهان جي صوبي جي مسلم ليگ کي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگھي. 1925ع جي ائڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اعتراض جوڳيون آهن، ان هوندي به سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص طرح سان مسلمانن جي اقتصادي، اخلاقي، تعليمي ۽ سياسي سجاڳيءَ جي لحاظ کان ان مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ ضروري آهي.“ هن ڪانفرنس تمام گھڻي ڪامياب وئي ۽ هن ئي ڪانفرنس ۾ هندستان جي ورهاڱي جو بنياد رکيو ويو. ان کانپوءِ پاڪستان حاصل ڪرڻ واري فضا تيار ٿيڻ لڳي ۽ جدوجهد شروع ٿي وئي. 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي باقاعدي چونڊ ٿي ۽ سر حاجي عبدالله هارون صدر ٿيو ۽ جدوجهد مختلف مرحلا طئي ڪندي نيٺ ساڀيان ٿي. آخرڪار طويل جدوجهد کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو. (وڌيڪ ڏسو: پاڪستان)


هن صفحي کي شيئر ڪريو