تاريخ مظهر شاهجهاني

تاريخ مظهر شاهجهاني

تاريخ مظهر شاهجهاني

تاريخ مظهر شاهجهاني (ڪتاب ):هيءَ مغلن جي حڪمرانيءَ دؤران لکيل، سنڌ جي هڪ مستند تاريخ آهي، ان وقت جي فارسيءَ جي عالم، يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين هيءَ تاريخ 1044هه/ 1634ع ۾ لکي پوري ڪئي. ڪتاب لکجڻ کان جلد ئي پوءِ، هي ڪتاب گمنام ٿي ويو. تاريخ مظهر شاهجهاني 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، پير حسام الدين راشديءَ جي اردوءَ ۾ لکيل مهاڳ سان فارسيءَ ۾ شايع ڪئي.هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌ جي برک شاعر ۽ اديب نياز همايونيءَ ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر سليم اختر ڪيو، جيڪو 1990ع ۾ اسلام آباد مان ڇپيو آهي.هيءُ ڪتاب سنڌ جي مغل دؤر جو ماخذ آهي، پر ڪٿي ڪٿي سمن، ارغونن ۽ ترخانن بابت پڻ هن ڪتاب ۾ مواد ملي ٿو. هن ڪتاب کي سنڌ جي سورهين ۽ سترهين صديءَ جو گزيٽيئر به چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ يوسف ميرڪ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي روين، تهذيب ۽ ثقافت، رسم ۽ رواج ۽ سندن مزاج جو چڱيءَ طرح مشاهدو ڪيو آهي. يوسف ميرڪ پاڻ به مغل دؤر جي اوائل ۾ سيوهڻ جي راڄڌانيءَ ۾ ڪنهن سرڪاري عهدي تي رهيو هو، پر ٻين کان متضاد ۽ منفرد طبيعت جي مالڪ هئڻ ڪري جلد ئي هن انهن عهدن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي. سنڌ جي هن تاريخ کي مستند ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. مؤلف ڪتاب ۾ عام سرڪاري مورخن جي پيروي ڪندي سنڌ جي مختلف ويڙهاڪ قبيلن کي فسادي ۽ ملڪ دشمن سان گڏ کين ”جاهل ۽ ڪافر“ لکيو آهي ۽ مغلن جي ساراهه ڪئي آهي، پر هن ڪتاب ۾ مغلن جي ظلم ۽ بربريت جي عڪاسي به ٿيل آهي. ان حوالي سان هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ تي مغلن جي قبضي جي پهرين اڌ صديءَ جي حالتن تي روشني وڌل آهي. هي ڪتاب تاليف جي حوالي سان بيگلارنامي (1034هه/ 1625ع) ۽ ترخان نامي (1065هه/ 1654ع) جي وچ جي ڪڙي آهي، جنهن کي مؤلف 1039هه/ 1629ع ۽ 1044هه/ 1636ع جي وچ ۾ لکي پورو ڪيو. هن فارسي تاريخ جي تصحيح، مقدمو ۽ حاشيا، سنڌ جي عظيم مورخ سيد حسام الدين راشديءَ لکيا آهن، ۽ سنڌي ادبي بورڊ اُن جو پهريون ڇاپو، 1962ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 10 رپيا رکيل آهي.


لفظ تاريخ مظهر شاهجهانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو