(تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور

(تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور

تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور

تاريخ سنڌ 9 (ڪلهوڙا دور) (ڪتاب ):سنڌ جي تاريخ جو ڪلهوڙا دور تي مشتمل هيءُ ڪتاب مولانا غلام رسول مهر جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن جو شمشيرالحيدريءَ ۽ يارمحمد پنهور اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ 552 صفحا آهن، ان جو ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، اسلاميه پريس، حيدرآباد، مان سال 1963ع ۾ ڇپايو، تاريخ سنڌ جو پهرين جلد جو ٻيو ڇاپو ۽ ان جو ٻيو جلد پڻ اسلاميه پريس، مان 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو هو، ٻئي جلد جو ٻيو ڇاپو سنڌ ثقافت سياحت کاتي 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙا دور جو تفصيلي ذڪر آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ”سنڌ جي تاريخ“ واري اسڪيم تحت، پير حسام الدين راشدي، محترم محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين عالمن غلام رسول مهر کي لکڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن سنڌ جي تاريخ جا ماخذ مطالعو ڪري، وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ هي ڪتاب تيار ڪيو هو.هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ 42 باب آهن. جن ۾ ڪلهوڙن جو حسب نسب، حڪومت جي ابتدا، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي، ميان محمد دائود، ميان الياس، ميان نصير محمد، ميان دين محمد، ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور سان گڏ ان دور ۾ رونما ٿيل واقعن جو وضاحت سان ذڪر آهي. ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ 39 باب آهن، جن ۾ ميان محمد مرادياب خان، ميان غلام شاه ڪلهوڙي، ميان محمد عطر خان ۽ ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙي جي دور حڪومت سان گڏ ان دور جي واقعن جو تفصيلي بيان آهي. هن جلد ۾ هالاڻيءَ واري جنگ جو به تفصيل موجود آهي. ان کان سواءِ ڪلهوڙن جي حڪومتي نظام، ان دور جي اقتصادي حالتن، صنعت تجارت، درٻار جي عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جو احوال ۽ ڪلهوڙن جا شجرا به ڏنا ويا آهن.


لفظ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو