تاريخ ريگستان

تاريخ ريگستان

تاريخ ريگستان

تاريخ ريگستان (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ٿرپارڪر جي نامور استاد ۽ تاريخدان، رائچند هريجن جي تاريخي تصنيف آهي، سندس ورهين جي مطالعي ۽ نور نچوڙ جو نتيجو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب ٿر جي مفصل تاريخ آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو سترهن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرين ۾ ”ٿر ۽ پارڪر جو طبعي گهاٽ ۽ پراچين حالت“ بابت، باب ٻيو ٿرپارڪر جي راجپوتن بابت، باب ٽئين ۾ ٿر ۾ سومرن جي حڪومت، باب چوٿين ۾ ٿر ۾ سوڍن ۽ راٺوڙن جي حڪومت بابت، پنجين باب ۾ سومرن جي حڪومت جو اوائلي دور، باب ڇهين ۾ سومرن جي حڪومت جو پويون دور، باب ستين ۾ سوڍن جي حڪومت، باب اٺين ۾ پارڪر جي حڪومت، باب نائين ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت، باب ڏهين ۾ ٽالپرن جي حڪومت، باب يارهين ۾ انگريزن جي حڪومت، باب ٻارهين ۾ پاڪستان جي حڪومت، باب تيرهين ۾ ٿرپارڪر جا مکيه ڳوٺ ۽ آدم شماري، باب چوڏهين ۾ ٿر ۾ رهندڙ قومون، باب پندرهين ۾ ٿرپارڪر جي معاشي حالت، باب سورهين ۾ ٿر جا رواج ۽ رسمون، باب سترهين ۾ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن بابت مواد شامل آهي. آخر ۾ ضميمي طور ”ٿر جو وسڪارو“ عنوان هيٺ ٿر ۾ پوندڙ برسات جو احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1956ع ۾، ٻيو 1977ع ۾ ۽ ٽيون 1988ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو، ڀاڱو پهريون ڊيمي سائيز جي 294 صفحن تي مشمل آهي ۽ ان جي قيمت 170 رپيا آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل رنگين ۽ جلد ڪچو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز، ڊاڪٽر غلام علي الانا، غلام رباني آگري ۽ نصير مرزا جا رايا لکيل آهن.


لفظ تاريخ ريگستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو