تاريخ

تاريخ: تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنيٰ ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعات نگاريءَ جي ڪتابن لاءِ ڪم آندو ويو آهي. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي.
ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو تعين، حادثن جي وقت جي تعين سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون مُستعمل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.
لفظ ”تاريخ“، سامي ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن شمار ٿيندو هو.
تاريخ دراصل انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي بلڪه ڪل ڪائنات جي پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.
تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:
(1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
(2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.
مقصدي ۽ اصولي يعني نسلي ۽ قومي تعصب پرستيءَ کان بالاتر ٿي، نسل انساني ۽ ان جي مختلف جزن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ.


لفظ تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

تاريخ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

برفاني دؤر
برهمڻ گهراڻو
برفت ڪئلينڊر
ڀوڄي مل مالهيءَ وارو خوني کوهه
ڀونئرو
ٽڪه ٽڪيا ديس
ٽلاٽي
تخت
تخت طائوس
تخدجه
تيرهن تيريون
ٿار
تاريخ گوئي
تاريخ مرڪب
تاريخ منثور
تاريخ منظوم
تعميا
تخرجه
تاريخ نگاري
پارٿيا
ڇنڇر
دارالعدالت قلعه حيدرآباد
دراوڙ لوڪ
دريا خان واهه
ڊاروَن جو ارتقائي نظريو
راج 2
راءِ گھراڻو
رولٽ ايڪٽ
سال
سڏونت سارنگا
سنڌو ماٿريءَ وارن جون ايجادون
سُو اليشو شُو اليشو
سنڌ جي تاريخ
سنڌو تهذيب جي مختصر پچار
سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه
سنڌ ۾ اسلامي دور جي تاريخ يا وچئين (Medieval) دور جو اتهاس
سنڌ ۾ عرب دور حڪومت
سنڌ ۾ سومرن جو دور
سنڌ ۾ سمن جو دؤر
سنڌ تي ارغون حڪومت
مغلن جو دور حڪومت
سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت
سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت/ ميرن جي صاحبي
سنڌ ۾ انگريزن جو دور حڪومت
قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو (پس منظر)
سنڌ جي تختگاهن جي تاريخ
سنڌ جو تعليمي نظام اوائلي دور کان اڄ تائين
سنڌ جي طبي تاريخ 1
سنڌ جي عدالتي سرشتي جي تاريخ قديم دور کان موجوده دور تائين
سنڌ ۾ ريلوي نظام انگريز دور کان وٺي پاڪستان تائين
سنڌ جا پرڏيهي تذڪره نگار قديم دور کان موجوده دور تائين
سنڌ جا لوڪ ناچ تاريخ ۽ پسمنظر
سنڌي صحافت ۽ اخبار نويسي پسمنظر ۽ تاريخ
شڪاري دور
صديقي سڪو

سائنس - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاريخ
سائنس ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون