تارا ميرچنداڻي

تارا ميرچنداڻي

تارا ميرچنداڻي

تارا مير چنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا، ناول نويس، ڪھاڻيڪار تارا ميرچنداڻيءَ، 6 جولاءِ 1930ع تي، ديوان ڏيارام ھاسارام ميرچنداڻيءَ جي گهر، حيدرآباد (سنڌ) ۾ جنم ورتو. تارا جو والد زميندار ھو ۽ سندس ماءُ، جسي ٻائي، حيدرآباد جي مکين جي آڪھھ مان ھئي. پرائمري کان مئٽرڪ (1947ع) تائين تعليم ڪندن مل گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن لکڻ جي شروعات اسڪولي دور کان ڪئي. انهيءَ دور ۾ ليڊيز ڪلب طرفان ’سُھڻي مھيوال‘ ناٽڪ رچايو ويو هو، جنھن ۾ ’سھڻي‘ جي ڪردار لاءِ کيس ۽ ’مھيوال‘ لاءِ ايشوري جوتواڻيءَ کي چونڊيو ويو. ورھاڱي کان پوءِ فرسٽ ايئر آرٽس جو امتحان وديا نگر (گجرات) ۾ ڏنو. بعد ۾ بمبئيءَ جي ”جئھ ھند ڪاليج“ ۾ انٽر آرٽس ۾ داخلا ورتي. انٽر کانپوءِ هن پڙھڻ ڇڏي ڏنو ۽ بمبئيءَ ۾ Rehabilitation Finance Department ۾ نوڪري ڪئي. سندس شادي ساڳيءَ آڪھھ مان ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نوجوان، موتيرام رامچنداڻيءَ سان 1950ع ۾ ٿي. تارا ميرچنداڻي، سنڌ اندر اسڪولي تعليم دوران ئي، 47-1946ع ڌاري ذھين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ھڪ گروپ ’وديارٿي سنگم‘ جي نالي سان قائم ڪيو. ھن گروپ پندرھن وار اخبار ”وديارٿي“ بھ ڪڍي، جنھن جي ايڊيٽر تارا ميرچنداڻي ٿي. ھنن اُن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام جي فيصلي وقت، شاگردن سان ملي حيدرآباد ۾ ’بنارس ھندو يونيورسٽيءَ‘ وانگر ’حيدرآباد ھندو يونيورسٽي‘ قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي. اھڙيءَ طرح ھن جي ادبي شروعات 16، 17 سالن جي عمر ۾ ”وديارٿي“ اخبار جا ايڊيٽوريل لکڻ سان ٿي. 1948ع ۾ تارا ميرچنداڻي جڏھن جئھ ھند ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي تھ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ کيس بمبئيءَ ۾ سنڌي ساھت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) جي تنقيدي ڪلاسن ۾ وٺي ويو، جتي کيس لکڻ جو اُتساهه مليو ۽ ھن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس لکيل پھرين ڪھاڻي ’سُرڳ جو سير‘ نالي ’هندواسي‘ رسالي ۾ شايع ٿي. سندس ناول: ’ڪُومايل ڪلي‘ (1949ع)، آشا (1950ع)، ’ھٺ يوگي‘ (ناول: ٻھ ڀاڱا- 1990ع)، ’لھرن جي گونج‘ (1992ع) ۽ ’سورج جي پھرين ڪرڻ‘ (1998ع)شايع ٿي چڪا آھن. سندس ناول ”ھٺ يوگي“ تي کيس تعليم کاتي 1993ع ۾، مرڪزي ساھتيھ اڪادميءَ جي انعام سان نوازيو. ان کان سواءِ سندس ڪھاڻين جا پنج مجموعا: ’آئينو ۽ عڪس‘ (1965ع)، ’رٻڙ جي گُڏي‘ (1966ع)، ’اُلجهيل تندون ريشم جون‘، (1986ع)، ’درد‘ (1991ع) ۽ ’وسريا نھ وِسرن‘ (1996ع) بھ ڇپيل آھن. تارا ميرچنداڻي ڪجهھ ناٽڪ بھ لکيا، جن مان ڪي ”آئينو ۽ عڪس“ مجموعي ۾ شامل آھن. سندس ناٽڪ ريڊيو تي بھ نشر ٿيا. عورتن جي ھڪ جماعت ’جهنڪار ڪلب‘ قائم ڪري، ان جي پليٽ فارم تان ھنرن جي ترقيءَ، معذور ٻارن ۽ ڪوڙھھ ورتل انسانن جي مدد ڪئي. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور نئين دنيا پبليڪيشن ممبئيءَ پاران اوارڊ (1991ع)، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا ۽ سھيوڳ فائونڊيشن بمبئيءَ پاران اوارڊ (1992ع)، ناول: ”ھٺ يوڳيءَ“ تي ساھتيھ اڪادمي اوارڊ (1993ع)، رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر پاران اوارڊ (1994ع)، ڀارتيھ ڀاشا پريشد اوارڊ ڪلڪتو (1995ع)، سنڌي اڪيڊمي دھليءَ جو لٽرري اوارڊ (2000ع) وغيره ملي چڪا آهن. تارا ميرچنداڻي، مرڪزي ساھتيھ اڪادمي ۽ مھاراشٽر راجيھ سنڌي ساھتيھ ڪميٽيءَ جي ميمبر پڻ رهي. مقامي ادبي تنظيمن جي گڏجاڻين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي رھي. کيس ٽن ڌيئرن (ارونا، بينا ۽ وندنا) ۽ هڪ پٽ (سنجيو) جو اولاد پيدا ٿيو. 8 نومبر 2023ع تي پوني ۾ وفات ڪئي.


لفظ تارا ميرچنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.07.06  عيسوي

تارا ميرچنداڻيءَ ، 6 جولاءِ 1930ع ۾ ، ديوان ڏيارام هاسارام ميرچنداڻيءَ جي گهر ۾ ، حيدرآباد ( سنڌ ) ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زهره شيرازي
عبدالملڪ بن مروان
ڀَنڀو
ادريسي
سنگيتا بجلاڻي
الطاف احمد صديقي
راجو خمره
ڀونگر
خداداد خان (ثاني)
صديقي نذير احمد پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون