تاج جويو

تاج جويو

تاج جويو

تاج جويو: نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور)، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان بي. اي ۽ خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل جا امتحان پاس ڪري 1972ع کان پرائمري استاد مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايو ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ استاد (BPS-16) طور پڻ پڙهايو. 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري جنوري 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. بعد ۾ سڪرنڊ، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ قاسم آباد، ڪاليجن ۾ رهيو. آگسٽ 1996ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ٿي. سيپٽمبر 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جنھن دوران ائسوسيئيٽ پروفيسر (BPS-19) طور ترقي حاصل ڪري 5 سيپٽمبر 2014ع تي رٽائرڊ ٿيو. شاعريءَ سان گڏ سنڌي نثري ادب، تنقيد، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ جي ميدان ۾ به ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنھن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، شاعريءَ ۾ سال جو بھترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو. ان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ’دنيا جون انقلابي عورتون‘ (ترجمو)، (2) ’سنڌي گيت‘ (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: 1978ع)، (3) ’قوم چوي ٿي ٻول‘، (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري)، (4) ’نيڻ مھٽي خيال جاڳيا‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس-1)، (5) ”باهيون بيراڳين جون‘ (ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس)، (6) ’تلسين جي سرهاڻ‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- II)، (7) ’جر ۾ ٿو جرڪان‘ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: 1998ع)، (8) ’ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو‘، (9) ’اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي‘ (اخباري ڪالم)، (10) ’مان ورڻو هان مان ورڻو هان‘ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس)، (11) ’آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر‘ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب)، (12) ’قليچ بيگ‘ (ترتيب)، (13) ’ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (ترتيب)، (14) ’ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي انسان‘ (2 ڀاڱا ترتيب)، (15) ’عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي‘ (ترتيب)، (16) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي‘ (ترتيب)، (17) ’سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو‘ (ترتيب)، (18) ’موحد شاعر- حاجي احمد ملاح‘ (ترتيب)، (19) ’ساميءَ ويس سلوڪڙا‘ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج)، (20) ’وڏو ڪھاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل‘ (ترتيب)، (21) ’درازا هل'>آءُ درازا هل‘ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج)، (22) ’سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو‘ (احسن الھاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)، (23) ’سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ‘ (هند جي اديبن جو تعارف:2004ع)، (24). سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (2009ع)، (25) ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب-2009ع)، (26) استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر، (27) ’شاهه لطيف جا فڪري سرچشما‘ (لطيفيات: 2013ع)، ’هو، جو سراپا عشق هو‘ (ترتيب: عبدالواحد آريسر بابت مضمون، 2015ع)، ’تاريخ سان تعزيت‘ (ترتيب: عبدالواحد آريسر جي زندگيءَ تي مضمون، 2015ع)، ’جهمپير جو جهونجهار‘ (ترتيب:رسول بخش درس'> رسول بخش درس جي زندگي تي مضمون، 2021ع)، ’رتي لالاڻ ۾ ملبو‘ (ترتيب: جمن دربدر جي زندگيءَ تي مضمون، 2022ع) ان کان سواءِ هن شاهه عبداللطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن: (1) ’سُر رپ‘، (2) ’شاهه لطيف: تحرڪ ۽ تحريڪ‘، (3) ’ديسي سيڻ ڪجن‘، (4) ’سر سورٺ‘، (5) ’حسينيءَ جي هاڪ‘، (6) ’سر مومل راڻو‘. ان کان سواءِ تاج جويو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 22 جلدن ۾ ترتيب ڏنو آهي، جن مان سندس ترتيب ڏنل شيخ اياز جي شاعريءَ جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيم ڪاري ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو پنج ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي، تنھن کان سواءِ مختلف سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي تنظيمن: سنڌ گرئجويئٽس ائسوسيئيشن شاخ سڪرنڊ جو سيڪريٽري (6 سال)، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري، پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ خزانچي، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ائسوسيئيشن جو مرڪزي پريس ۽ ثقافتي سيڪريٽري، سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ جو سيڪريٽري، لوڪ ورثي اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي صلاحڪار بورڊن جو ٽن سالن لاءِ ميمبر، ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو ٽي سال ميمبر، خان يونيورسٽي'>آغا خان يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي پئنل جو ميمبر، سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر (6 سال) رهڻ سان گڏ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر آهي. کيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اوارڊ (بھترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت اوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاهه لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاهه طرفان اوارڊ، اسٽوڊنٽس زون اوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع. ق. شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻه ڀيرا اوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست اوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، حمل فقير اوارڊ، شيخ اياز مڃتا شيلڊ، تنوير عباسي اوارڊ، اُستاد بخاري اوارڊ، بيدل اوارڊ، انيس انصاري اوارڊ، اڏيرو لال اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ 2023ع ۽ ٻيا ڪئين اوارڊ ملي چڪا آهن. 2020ع ۾ صدارتي اوارڊ سندس نالي ٿيو پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.


لفظ تاج جويوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.09.06  عيسوي

تاج محمد جويو 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ ( هاڻي دولتپور ) ضلعي نوابشاهه ( هاڻي بينظير آباد ) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ پير ڪولاچيءَ ‘ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان پولن
تيجورام شرما
خانبهادر اَرد شير هرمسجي
اخلاق انصاري
پهلاج راءِ مسافر
سرتاج لڪياري
سيده نفيسه شاهه
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
امداد حيدر سولنگي
شمشاد غوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون