شاعر تابش بخاري

شاعر تابش بخاري

تابش بخاري

تابش بخاري: نوجوان شاعر، غلام شبير شاهه، ”تابش بخاري“ 12 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ، تعلقي دادوءَ ۾ سيد رسول بخش شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم.اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم. ايڊ اٿس. هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادوءَ ۾ سيڪنڊري استاد (H.S.T) آهي. هن 1989ع کان ٻارن لاءِ شاعريءَ سان پير پاتو. بعد ۾ غزل، چؤسٽن، حمد ۽ نعت جي صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪيائين، هن جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳاتي آهي، جن ۾ منظور سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، حيدر علي، شبير شاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هو استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو سيڪريٽري، سگا شاخ دادوءَ جو اطلاعات سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ايف. ايم 99 دادوءَ جو انائونسر آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منهنجا شعر- منهنجون تصويرون“ ’نئون جنم پبليڪيشن، دادوءَ‘ پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جو مهاڳ نامور اديب بشير سيتائيءَ جو لکيل آهي. ادبي مڃتا طور کيس ڪجهه اوارڊ به مليا آهن. جن ۾ استاد بخاري اڪيڊميءَ طرفان بهترين ورڪر جو اوارڊ، شهيد عادل سخيراڻي اوارڊ ۽ استاد صالح ساند اوارڊ شامل آهن. هو هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.12  عيسوي

تابش بخاري 12 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ ، تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خاڪي
احسان علي
سليم بچاڻي
ساجد سنڌي
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
حافظ حيات شاهه
اويس ‘قرني’
انور قنبراڻي
سترام داس جڳياس
تاج ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون