داخلا نمبر 376
عنوان بچايو رند
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 746 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون

بچايو رند

بچايو رند: بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند، ڳوٺ اگهاماڻي، تعلقي ماتلي، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. ننڍي هوندي ئي پيءُ وفات ڪري ويس، انهيءَ ڪري ننڍي وهيءَ ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ مال چارڻ جو پورهيو ڪرڻو پيس. بعد ۾ ڳوٺ محمد خان رند تعلقي جهول ۾ لڏي وڃي ويٺو، جتي سندس اولاد اڃا رهي ٿو. سندس بيت مشهور آهن، جيڪي نڙ تي چيا ويندا آهن. اندازاً 80 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1364هه/ ڊسمبر 1944ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.12.00  عيسوي

بچايو رند: بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند ، ڳوٺ اگهاماڻي ، تعلقي ماتلي ، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو . اندازاً 80 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1364هه/ ڊسمبر 1944ع ڌاري وفات ڪيائين .


1364.09.27  هجري

بچايو رند: بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند ، ڳوٺ اگهاماڻي ، تعلقي ماتلي ، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو . اندازاً 80 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1364هه/ ڊسمبر 1944ع ڌاري وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون