بچارام ليلارام ليڏواڻي

بچارام ليلارام ليڏواڻي: هي بي. رام. سنڌوءَ جي ادبي نالي سان متعارف هو. سندس تعليم ايم. اي. ايل. ايل. ايم ۽ اي. ايف. آءِ. آءِ هئي. 31 جنوري 1938ع تي، سکر ۾ ڄائو. پاڻ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ، هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار رهيو آهي. وسيع تجربو هئس. سندس ڇپيل ڪتاب: ’نيستردان‘، ’بدني نقص ۽ انهن جو علاج‘، ’ٻار ۽ انهن جو علاج‘، ’شرم دان‘ ۽ ’ٻال مندر‘ آهن. ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪيل اٿس، جن ۾ ’آئينده جا ابا‘ ۽ ’ٻال مندرن جي سکيا جي اهميت‘ مشهور آهن. جڏهن ته ڪجهه ڪتابن جو مرتب پڻ رهيو آهي. جهڙوڪ: ’ٻاچوشتڪ‘ ۽ ’ڀارت ۾ سنڌي ڌرمشالائون‘. سال 1948ع ۽ 1958ع واري دؤر ۾ ايڪانڪي ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيل اٿس، ڪيترين ئي اخبارن ۽ مئگزينن جهڙوڪ: ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول مئگزين“، ”راشٽريه سيوڪ“، ”سنڌو پرديپ دسيرا“، ”سماج ڪلياڻ“ ۽ ”جيون جوت“ ساليانن رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. پاڻ ممبئيءَ ۾ رهندو هو، ٽي چار سال ٿيا آهن، گذاري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.01.31  عيسوي

بچارام ليلارام ليڏواڻي: هي بي . رام . سنڌوءَ جي ادبي نالي سان متعارف هو . سندس تعليم ايم . اي . ايل . ايل . ايم ۽ اي . ايف . آءِ . آءِ هئي . 31 جنوري 1938ع تي ، سکر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بن سومار
بکر شيدي
ريني ڊيڪارٽ
شادي خان چانڊيو
ديوان گوبند بخش
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
مير محمد مقبول سومرو پروفيسر
پرسو ڀڳت
ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون