بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو: : بيگم نصرت ڀٽو، ايران جي هڪ نامياري پارسي واپاريءَ، مرزا محمد اصفهانيءَ جي ڌيءُ آهي، سندس والدين پهرين بمبئيءَ ۾ رهندا هئا. بيگم نصرت جو جنم 23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي شهر اصفهان ۾ ٿيو. جيزز ائنڊ ميري ڪانونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس ڪئي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي نامور سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس شادي ٿي. هوءَ گهريلو سوشل خاتون هئي. جنرل ضياءُ الحق هٿان پنهنجي عظيم مڙس ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاريءَ کان پوءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ خاوند جي گرفتاريءَ خلاف، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪئي. اها پٽيشن بيگم نصرت ڀٽو، چيف آف آرمي اسٽاف جي خلاف ڪئي هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ ذريعي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو، پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن ٿي. ڪيترائي سال پنهنجي گهر ۾ نظربند رهي. 1983ع ۾ يورپ ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت مليس. انهيءَ جلاوطنيءَ واري زماني ۾ سندس ننڍو پٽ شاهنواز ڀٽو فرانس ۾ پراسرار نموني قتل ٿي ويو. نومبر 1987ع ۾، پنهنجي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آئي. بيگم صاحبه، چار دفعا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر. پهريون دفعو 1977ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تان، ان بعد 1988ع ۾ هڪ ئي وقت چترال ۽ لاڙڪاڻي مان، بعد ۾ 1990ع ۽ 1993ع ۾ ٻه دفعا لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. 1996ع جي چونڊن ۾ مير مرتضيٰ جي قتل، ضعيفيءَ ۽ مستقل بيماريءَ سبب حصو نه ورتائين. پيپلزپارٽيءَ جي چيئرپرسن جو عهدو به پنهنجي ڌيءُ بينظير کي ڏئي، پاڻ گوشه نشين ٿي وئي. بيگم نصرت ڀٽو 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ وفات ڪري وئي. کيس شهيد ڀٽو جي ڀر ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ بيگم نصرت ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.09.05  عيسوي

5 سيپٽمبر 1951ع تي نامور سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس شادي ٿي .


1987.11.00  عيسوي

نومبر 1987ع ۾ ، پنهنجي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آئي .


1977.00.00  عيسوي

بيگم صاحبه ، چار دفعا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي چڪي آهي . پهريون دفعو 1977ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تان ، ان بعد 1988ع ۾ هڪ ئي وقت چترال ۽ لاڙڪاڻي مان ، بعد ۾ 1990ع ۽ 1993ع ۾ ٻه دفعا لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي .


2011.10.23  عيسوي

23 آڪٽوبر 2011 ۾ وفات ڪيائين، کي ڳڙهي خدابخش ۾ ڀٽن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جت ونهيون فقير سالاراڻي
پرڏيهي پير
در محمد ڊول
رونالڊ ريگن
پلي عزيز
ليلارام ماکيجاڻي
سنگهار علي گڻسار
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
حڪيم محمد حسن قريشي
اسلم تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون