داخلا ؛ 4183
پڙهيو ويو ؛ 195
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-07-03


تصويرون


Beru-of-Circillium.gif
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، سنڌ
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، سنڌ



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ

ٽائيٽل ؛ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ


شاخ : ادارو

بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ، سنڌ: ڄام شوري ۾ قائم بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، سنڌ جي -تعليم- ۽ خواندگي کاتي سان لاڳاپيل اهم ادارو آهي. پهرين جون 1970ع تي ’ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ايڪسٽينشن ۽ اسپيشلائيزڊ سروسز‘ جي نالي سان هن اداري جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي بنيادي ڪمن ۾ صوبي ۾ ملازمت ڪندڙ استادن جي تربيت ڪرڻ ۽ خاص ٻارن جي اسڪولن جي سارسنڀال لهڻ هو.
1972ع جي تعليمي پاليسي جي روشنيءَ ۾ وفاقي نصاب جو ادارو ٺهيو ۽ صوبن اندر پڻ نصاب جا ادارا ٺاهيا ويا. 1 نومبر 1972ع ۾ سنڌ ۾ هن اداري جو نالو تبديل ڪري ’بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ، ڄامشورو‘ رکيو ويو. 1976ع ۾ سنڌ جي استادن ۾ تربيت ادارن جو انتظامي ڪنٽرول بيورو آف ڪريڪيولم جي حوالي ڪيو ويو. ته جيئن نصاب ۽ تربيت جو ڪم بهتر نموني سان هلي سگهي. 1978ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم کي سنڌ جي -تعليم- کاتي جو ’لاڳاپيل ادارو‘ پڌرو ڪيو ويو. 1988ع ۾ هن اداري کي -تعليم- کاتي جي تحقيقي اداري جو درجو پڻ ڏنو ويو. 2005ع ۾ ڪراچي ۽ سکر ۾ قائم ڪيل -ٽن- ’ڪالجز آف ايجوڪيشن‘ جو انتظامي ڪنٽرول پڻ هن اداري جي حوالي ڪيو ويو. هن وقت بيورو آف ڪريڪيولم ۾ انتظامي نگرانيءَ هيٺ استادن جي تربيت جا 25 اپلينسٽري ڪاليجز آف ايجوڪيشن (14 مرد، ۽ 11 عورت) ۽ 3 ڪاليج آهن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پي. ٽي. سي، سي. ٽي، او. ٽي. سي، اَي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس ڪرائي رهيا آهن.
هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ نصاب جي تياري ۽ نظرثاني، استادن جي جديد انداز ۾ تربيت، تعليمي -تحقيق- ۽ شاگردن جي حاصلات جو -جائزو- وٺڻ شامل آهي. هن ادري جي بنياد وجھڻ ۽ اداري جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه ۾ سيد پناهه علي شاهه، آپا شمس عباسي، مشتاق احمد کوکر، محمد ابراهيم جويي، غلام رضا -ڀٽي- ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي ناميارن شخصيتن جو ڪردار رهيو آهي. هي ادارو نصاب سازي، استادن جا رهبر تيار ڪرڻ، تربيتي مينيوئل ۽ ٻيو ڪيتروئي درسي ۽ -تعليم- مواد ۽ سامان تيار ڪندو رهيو آهي. جنهن سان صوبي جي تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هن اداري جي ڊائريڪٽرن ۾ سيد پناهه علي شاهه، واحد بخش شيخ، غلام رضا ڀٽو، آپا شمس عباسي، مشتاق احمد کوکر، بقا محمد قريشي، محمد صالح گوپانگ، نظام الدين ميمڻ، ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي، عبدالحميد ميمڻ، محمد شريف ميمڻ، مسز صغريٰ شيخ، ڊاڪٽر صاحب خان چنا، ڊاڪٽر محبوب علي شيخ، مشتاق احمد شاهاڻي ۽ پروفيسر خير محمد زرداري شامل آهن.
هن اداري ۾ بنيادي تعليمي ڪم جيڪي ماهر مضمون ڪم ڪندا رهيا آهن، انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، عبدالمجيد عباسي، ڊاڪٽر ابوالقاسم شيخ، لعل بخش کوکر، قاضي غلام اڪبر، صفدر مرزا، اقبال ملڪ، طلعت جسڪاڻي، زاهده حُميراڻي، مريد شريف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر محمد ميمڻ، رانجھو خان زرداري، نسرين جعفري، مسرت حسين رضوي، صغير احمد شيخ، انوار احمد زئي، غلام اصغر ميمڻ، ادريس جتوئي، عبدالمجيد ڀرٽ ۽ ٻيا شامل آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن