داخلا ؛ 3129
پڙهيو ويو ؛ 429
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بيلجيم

ٽائيٽل ؛ بيلجيم


شاخ : ملڪ

بيلجيم: هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”بيلجيم جي شهنشاهيت (Kingdom of Belgium)“ آهي. -اتر- ۾ نيدر لئنڊس، ڏکڻ ۾ فرانس، -اوڀر- ۾ -جرمني- ۽ اولهه ۾ سمنڊ اٿس. گاديءَ جو هنڌ برسلز آهي. ستن صوبن تي مشتمل هن ملڪ جي سرڪاري -ٻولي- ”فليمش“ آهي. جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ فرينچ ۽ جرمن کي ڄڻ ٻئي نمبر تي حيثيت حاصل آهي. سرڪاري مذهب ”عيسائيت“ ۽ سڪو ”بيلجين فرئنڪ“ اٿس. هن جو ڏکڻ- -اوڀر- وارو حصو پهاڙن تي مشتمل آهي، باقي حصو سرسبز آهي، جنهن ۾ ندين ۽ واهن جو ڄار پکڙيل آهي. -اتر- طرف کان ڊگهي سامونڊي -پٽي- هجڻ ڪري، سڄو سال موسم خوشگوار رهي ٿي. ’والونس‘ (Wallons) ۽ فليمنگس ۾ اندروني جهيڙي سبب ڪيتريون ئي حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون ۽ نتيجي ۾ 1989ع جي -آئين- موجب بيلجيم، فلئنڊرس، والونيا ۽ برسلز جي خودمختيار رياستن ۾ تقسيم ٿي ويو. 1993ع ڌاري -آئين- ۾ ترميم ڪري مختلف رياستن کي وفاق جي ماتحت ڪيو ويو. -بيلجيم- ۾ هن وقت شهنشاهي نظام آهي. سينيٽ ۽ چيمبر جا ميمبر شهنشاهه جي ماتحت هوندا آهن. معيشت جو دارومدار صنعت ۽ زراعت تي آهي. هتي ڪڻڪ، پٽاٽا، ڪمند ۽ ٻيا فصل -جام- ٿين ٿا. -ترقي- يافته ملڪن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. -بيلجيم- ۾ ڌاڳي، شيشي، دوائن ۽ پئٽرول صاف ڪرڻ جا ڪارخانا تمام گهڻا آهن. بيلجئم ۾ هيرن تراشڻ جو ڪم پڻ ٿيندو آهي ۽ بيلجئم جا تراشيل هيرا گهڻا مشهور آهن. سنڌ ۾ وڏ گهراڻيون عورتون اهي ڳهن ۾ جڙائي پائينديون آهن. هن وقت، هيءُ ملڪ يورپ ۾ واپار جو وڏو مرڪز آهي. هتي ڪيترين ئي -بين- الاقوامي تنظيمن جا هيڊڪوارٽر پڻ آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيلجيم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيلجيم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن