بيسنت هال

بيسَنت هالُ: حيدرآباد شھر ۾ جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون، مرڪزي ٿياسافيڪل هال، مسز ايني بيسنت جي نالي (ڏسو: ايني بيسنت) سان 1901ع ۾ اڏايو ويو ۽ ان جو افتتاح 1917ع ۾ خود ايني بيسنت ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ هن هال ۾ اڄ به مختلف سماجي، سياسي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿيندا رهندا آهن.2019ع ۾ اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران، هن عاليشان عمارت کي، گهربل، مرمت کان پوءِ پنھنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويو آهي. ساڳي ريت 2021ع ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه جي گڏيل سھڪار سان اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ هڪ معاهدو ڪيو، جنھن تحت بيسنت هال جي عمارت جي ٻيھر مرمت ڪري ان کي محفوظ بڻائي فن ۽ ثقافت سان گڏ ڪميونٽي سينٽر طور استعمال لائق بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ هن عمارت ۾ ڪنھن به قسم جي صنعتي سرگرمي تي پابندي مڙهي وئي آهي ته جيئن هن تاريخي عمارت کي نقصان کان بچائي سگهجي


لفظ بيسنت هالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.00.00  عيسوي

بيسَنت هالُ: حيدرآباد شهر ۾ جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون ، مرڪزي ٿياسافيڪل هال ، مسز ايني بيسنت جي نالي ( ڏسو: ايني بيسنت ) سال 1901ع ۾ اڏايو ويو ۽ ان جو افتتاح 1917ع ۾ خود ايني بسنت ڪيو .


1917.00.00  عيسوي

بيسَنت هالُ: حيدرآباد شهر ۾ جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون ، مرڪزي ٿياسافيڪل هال ، مسز ايني بيسنت جي نالي ( ڏسو: ايني بيسنت ) سال 1901ع ۾ اڏايو ويو ۽ ان جو افتتاح 1917ع ۾ خود ايني بسنت ڪيو .



ماڳ مڪان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسيلي جو دڙو
ڏتل شاهه جي چاڙهي
ڌاراجا
ڀٽ شاهه جو قبرستان
اشبهار
باغ دلڪشا
تڳوسر جي ترائي
باعد پير
چراغان ميلو
زرقا ڪوٽيرو
ماڳ مڪان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون