بي بي سي

بي بي سي

بي بي سي

بي. بي. سي (British Broadcasting Corporation ):دنيا جو مشهور نشرياتي ادارو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لنڊن ۾ آهي. هي نشرياتي ادارو، دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪندو آهي. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ بي. بي. سيءَ جي نشريات کي وڏي اهميت حاصل ٿي وئي. اهڙيءَ طرح، هن اداري کي تجارتي بنيادن تي هلائڻ شروع ڪيو ويو. شروع ۾ هي ادارو ”برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني“ طور ڪم ڪندو هو. 1922ع ۾ هن کي خانگي شعبي جي حوالي ڪيو ويو. 1927ع ۾ هي ادارو ڪارپوريشن ۾ تبديل ٿي ويو. جيتوڻيڪ هي ادارو آزاد آهي، پر پوءِ به ڪن معاملن ۾، برطانوي پارليامينٽ اڳيان جوابده آهي. هن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي مقرري ”شاهي تاج“ جي نالي ۾ ٿيندي آهي. 1923ع کان ”بگ بين“ گھڙيال جو آواز بي.بي.سيءَ تان نشر ڪيو ويو.
بي. بي. سي جا دلچسپ ۽ معلوماتي پروگرام، سياسي تبصرا ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن جي سڀني ملڪن ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌا ويندا آهن. 1936ع ۾ بي. بي. سيءَ مختلف ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪرڻ سان گڏ ٽيليوزن سروس پڻ شروع ڪئي. ٻي عالمي جنگ دوران سندس ٽيليوزن سروس کي منقطع ڪيو ويو. 1946ع کان ٽيليوزن نشريات کي ٻيهر جاري ڪيو ويو. 1967ع کان رنگين پروگرام شروع ڪيا ويا. هن وقت اداري کي لنڊن ۾ پنهنجي بهترين عمارت آهي. جنهن ۾ هر شعبي ۽ ٻوليءَ جا جدا جدا دفتر قائم ٿيل آهن. هن اداري جي ”سائونڊ لائبرري“ ڏسڻ وٽان آهي. جيڪا اٺ منزلا عمارت ۾ قائم ٿيل آهي. هر منزل ۾ سازن ۽ آوازن جا مختلف رڪارڊ موجود آهن. اهو سڀ سامان، اهڙي ته ترتيب سان رکيل آهي، جو ڪابه شيءِ ٽن منٽن اندر حاصل ڪري سگھجي ٿي. هتي سڄي دنيا جي چونڊ ڳائڻن جا آواز موجود آهن. هڪ شعبو اهڙو به آهي، جنهن ۾ دنيا جي سڀني اهم شخصيتن جا آواز، تقريرون ۽ انٽرويو وغيره موجود آهن ۽ سٺي نموني محفوظ ٿيل آهن. پروپيگنڊا جي لحاظ کان بي.بي.سيءَ سان دنيا جو ٻيو ڪوبه نشرياتي ادارو مقابلو نه ٿو ڪري سگھي. طاقتور ٽرانسميشن جي ڪري، هتان جا پروگرام سڄي دنيا ۾ صاف ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. بي. بي. سي ريڊيو تان رات جو اردو خبرن ۽ تبصرن کي پاڪستان توڙي هندستان ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌو وڃي ٿو. بي بي سي ٽي وي نيوز چئنل اڄڪلهه ڪافي مقبول آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو