داخلا ؛ 3156
پڙهيو ويو ؛ 2381
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون


bahawalpoor.jpg
بهاولپور جي هڪ عمارت
بهاولپور جي هڪ عمارت

bahawalpoor2.jpg
بهاولپور جي هڪ عمارت
بهاولپور جي هڪ عمارت



ٽائيم لائين

1782.00.00-A.D
سنڌ تي ڪلهوڙن جو هڪ گهراڻو 1782ع تائين حڪمران رهيو . عباسي خاندان انهيءَ گهراڻي جي هڪڙي شاخ هئي ،

1955.00.00-A.D
1955ع ۾ سر صادق محمد خان عباسي مرحوم جي رضامنديءَ سان بهاولپور رياست مغربي پاڪستان سان شامل ڪئي وئي ۽ حڪمرانن جا سڀ اعزاز بحال رهيا ،

1748.00.00-A.D
شهر بهاولپور پنجاب جي سابق رياست بهاولپور جو مرڪزي شهر آهي . اڳي هن جُوءِ کي ” جهوڪ رانجهن “ جي نالي سان سڏيندا هئا ؛ پر پوءِ پهرئين نواب بهاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري ، هتي نئون شهر اڏايو . اهڙيءَ طرح هن شهر جو بنياد 1161هه/ 1748ع ۾ رکيو ويو .

1161.00.00-Hijree
شهر بهاولپور پنجاب جي سابق رياست بهاولپور جو مرڪزي شهر آهي . اڳي هن جُوءِ کي ” جهوڪ رانجهن “ جي نالي سان سڏيندا هئا ؛ پر پوءِ پهرئين نواب بهاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري ، هتي نئون شهر اڏايو . اهڙيءَ طرح هن شهر جو بنياد 1161هه/ 1748ع ۾ رکيو ويو .




sindhianaسنڌيانا--بهاولپور

ٽائيٽل ؛ بهاولپور


شاخ : شهر

بَهاوَلپُور: پنجاب صوبي جي اڳوڻي اڪيلي رياست، جنهن جون سرحدون ستلج درياءَ، پنجند ۽ سنڌ سان گڏيل آهن. هن جي اڀرندي ۾ -بيڪانير- ۽ جيسلمير جون اڳوڻيون رياستون آهن. -بهاولپور- تي عباسي خاندان گهڻي وقت تائين حڪمران رهيو. سنڌ تي ڪلهوڙن جو هڪ گهراڻو 1782ع تائين حڪمران رهيو. عباسي خاندان انهيءَ گهراڻي جي هڪڙي شاخ هئي، اها شاخ -بهاولپور- جي حڪمران هئي. سال 1955ع ۾ سر صادق محمد خان عباسي مرحوم جي رضامنديءَ سان -بهاولپور- رياست مغربي -پاڪستان- سان شامل ڪئي وئي ۽ حڪمرانن جا سڀ اعزاز بحال رهيا، سندن حڪومت واري زماني ۾ رياست ۾ نهرن جو ڄار وڇايو ويو، جنهن ڪري زرعي ايراضيءَ ۾ گهڻو واڌارو آيو ۽ آبادي وڌي وئي. ڪڻڪ، چانور، ٻاجهري، ڪمند ۽ ڪپهه، رياست جي زرعي آباديءَ جون خاص جنسون هيون. صنعتن ۾ ڪپڙو، ڪپهه ٽاڻڻ، چانورن جي ڇَڙ، -تيل- ۽ صابڻ سازي وغيره ۽ دستڪاريءَ ۾ ٿانوَ، ڀرت جو ڪم، مٽيءَ جا ٿانوَ، ميون ۾ کجور ۽ -انب- خاص طرح قابل ذڪر آهن.
شهر -بهاولپور- پنجاب جي سابق رياست -بهاولپور- جو مرڪزي شهر آهي. اڳي هن جُوءِ کي ”جهوڪ رانجهن“ جي نالي سان سڏيندا هئا؛ پر پوءِ پهرئين نواب بهاول خان عباسيءَ هيءَ زمين خريد ڪري، هتي نئون شهر اڏايو. اهڙيءَ طرح هن شهر جو بنياد 1161هه/ 1748ع ۾ رکيو ويو. هن ايراضيءَ ۾ واري تمام گهڻي هئي، تنهنڪري ماڻهو هتي رهڻ پسند نه ڪندا هئا، پر نواب بهاول خان هر حالت ۾ هن شهر کي -آباد- ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. هن پهريائين -بازار- اڏائي ۽ -بازار- جي ٻنهي پاسن دڪان اڏائي سِرُن سان -بند- ڪرائي ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته جيڪي ماڻهو -آباد- ٿيڻ لاءِ اچن، -تن- کي دڪان کولائي ڏجن، جيئن کين ٺهيل گهر ۽ دڪان ملي وڃن. 1223هه/ 1808ع ۾ -انگريز- سياح هن شهر بابت لکيو ته ”شهر -بهاولپور- چئن پنجن ميلن جي گهيري ۾ -آباد- آهي. پڪ سريون جايون اٿس. آسپاس انبن ۽ ميوات جا 35 -باغ- اٿس“. 1827ع ۾ ٻيو هڪ سياح آيو، تنهن لکيو ته ”بهاولپور شهر گهاگهرا (ستلج) درياهه کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. شهر -ٽن- چورس ميلن ۾ گهيريل آهي، جنهن جا ست دروازا آهن: (1) شڪارپوري دروازو، (2) بُوهڙ دروازو، (3) ملتاني دروازو، (4) بيڪانيري دروازو، (5) احمد پوري دروازو ۽ (6) ڊيراوري دروازو ۽ (7) موري دروازو. اهي دروازا پڪا ٺهيل آهن. البت بيڪانيري دروازو ڪجهه ڪچو ٺهيل آهي. اٺون دروازو پڻ هاڻي ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو ”فريد گيٽ“ رکيو ويو آهي. -بهاولپور- شهر جي بازارن مان مشهور قديم بازارون آهن: فتح خان بازار، مڇي بازار، گري گنج بازار، صادق گنج بازار، احمد پوري بازار، ڀانڀڻان بازار، جنهن جو نئون نالو شاهي -بازار- رکيو ويو آهي. قديم شهر جي چؤنڪ ۾ مرڪزي هنڌ تي -امير- -بهاول خان عباسي- ٻئي، 1191هه/ 1777ع ۾، -جامع مسجد- اڏائي، جيڪا سڀني مسجدن ۾ پراڻي آهي، جنهن کي نواب صادق محمد خان عباسي ڇهين، نئين سر تعمير ڪرايو ۽ -ان- جو نالو ’جامع الصادق‘ رکيو ويو. قديم شهر ۾ ڳوڌي مل جي سراءِ، لال جي سراءِ ۽ مسافرخانو 1875ع ۾ ٺهيا. ميونسپل ڪميٽيءَ جي آفيس 1874ع ۾ ۽ ستلج درياهه تي ريلوي پل 1878ع ۾ ٺهي تيار ٿي. هيءُ شهر ستلج جي کاٻي ڪناري تي -پشاور- ڪراچي ريلوي لائين تي واقع آهي. اڄڪلهه -بهاولپور- شهر ڪافي -ترقي- ڪري ويو آهي. ماڊل ٽائون، سيٽلائيٽ -ٽائون- ۽ ڪيتريون ئي نيون ڪالونيون تعمير ٿي ويون اٿس. ’نورمحل‘، ’گلزار محل‘ ۽ ’دولت خانه‘ هتي جون قديم عمارتون آهن. ريلوي اسٽيشن، يونيورسٽي، تعليمي بورڊ، ميڊيڪل ڪاليج، صادق پبلڪ اسڪول، ميوزيم، جانورن جو باغ، اسٽئڊيم ۽ ريڊيو -اسٽيشن- جو وجود شهر ۾ ترقيءَ جي شاهراهه جو ثبوت آهن. -ان- کان سواءِ هتي ڪيتريون ئي اخبارون، رسالا، علمي ادبي انجمنون ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهن. بهاول پور شهر ستلج درياهه جي ڪپ تي مين لائين تي لاهور کان 271 ميل ۽ ملتان کان 60 ميلن جي مفاصلي تي آهي. شهر جي آبادي پنجن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. 1748ع ۾ نواب بهاول خان عباسيءَ هن شهر جو بنياد رکيو ۽ شهر جي چوڌاري ڪوٽ ڏياريو. هن ڊويزن ۾ ٽي ضلعا ’بهاولپور‘، ’بهاول نگر‘ ۽ ’رحيم يارخان‘ آهن. ضلعو -بهاولپور- -ٽن- تعلقن ’احمدپور شرقيه‘، ’بهاولپور‘ ۽ ’حاصل پور‘ تعلقن تي مشتمل آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بهاولپور- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بهاولپور - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شهر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
استنبول
ٻيراڻي
اسلام آباد1
اسلام ڪوٽ
برهان پور
امر ڪوٽ عمرڪوٽ
بسطام
اٻاوڙو
اوٻاوڙو
اٽڪ
اجمير
اچ
احمد آباد (انڊيا)
احمد نگر
بصره
بغداد
انڙ پور
بکر
انقره
ايوڌيا
آمري4
بهاولپور
بلڙي
بيت المقدس
بمبئي
بنارس
بنگلو (شهر)
آگرو
بارسلونا
برمودا
بلخ
بنگلور
ٻاڙمير
امر تسر
الهه آباد
تلهار
ڀانڀرا
ڀان سيد آباد
ڀٽ شاھه
ڀٽو واھڻ
ڀُڄ
ڀريا ٽائون ڀريا سٽي
ڀريالوءِ پريالوءِ
ترائي 2
تربت 2
ٺارو شاهه
ٺٽو
ترمذ
ڀِنيان
ڀوبينسور
ڀوپال
ڀيلاڻي
تونسا شريف
ڀينءَ
ٽنڊو آدم
ٽنڊوالهيار
ٽنڊو باگو
ٽنڊو ٻورا
ٽنڊو ٺوڙهو
ٽنڊو جان محمد
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڇاڱاڻي
ٽنڊو شهبازي
ٽنڊو علي محمد
ٽنڊو غلام حيدر
ٽنڊو غلام علي
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو مائي ماهڻ
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو مير غلام حسين
ٽنڊو مير مريد حيدر
ٽنڊو مير نور محمد
ٽنڊو يوسف
تهران
ٿاڻو بولا خان
ٿاڻو عارب خان
ٿرڙي محبت
تاشقند
پاٽ
پاٽ پراڻي
پشاور
جارجيا
جالنڌر
پاڪ پتڻ
جده
جريڪو
پاڻيپٽ
جلال آباد
پتڻ رڪڻ
پتڻ منارو
پٿورو


.....شهر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن