بهاري لال

بهاري لال: بهاري لال هندي شاعريءَ ۾ شرنگار رس (سينگار رس) جو اهم ترين شاعر آهي، هن صنف جي سلسلي ۾ ڪرپا رام پهريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، مگر هن ميدان جو شهسوار بهاري لال ثابت ٿيو. بهاري لال پٽ ڪيشو راءِ سنبت 1660/1603ع ۾ گوبند پور ضلعي گواليار ۾ ڄائو، ۽ سنبت 1720هه/1664ع ۾ گذاري ويو. جيپور جي راجا جئسنگ کيس جيپور ۾ گھرائيءَ پنهنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳهه ڏني، ۽ جڏهين بهاري لال پنهنجي مشهور شاعرانه شاهڪار ”ست سئي“ کي پورو ڪيو، ته راجا جئسنگ کيس ست سؤ اشرفيون انعام ڏنيون. بهاري لال جو عاشقانه ڪلام هندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آهي، ۽ ”سنگار رس“ ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿانهون تسليم ڪيو ويو آهي.


لفظ بهاري لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو