داخلا ؛ 3367
پڙهيو ويو ؛ 1110
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون


balochistan-map.jpg
بلوچستان جو نقشو
بلوچستان جو نقشو

balochistan-Sui.jpg
سوئي
سوئي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بلوچستان

ٽائيٽل ؛ بلوچستان


شاخ : صوبو

بلوچستان: بلوچستان، سنڌ جو پاڙيسري ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان -پاڪستان- جو سڀ کان وڏو ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ننڍو صوبو آهي. هن جي -اتر- ۾ صوبو سرحد، اولهه ۾ ايران، اتر- اولهه ۾ افغانستان، -اوڀر- ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي. -بلوچستان- جي گاديءَ جو هنڌ ڪوئيٽا آهي. هن صوبي ۾ چار ڊويزنون، ڪوئيٽا، سبي، قلات ۽ مڪران آهن. 17 ضلعا هرهڪ ڪوئيٽا، لورالائي، پشين، زوب، چاغي، سبي، ڪڇي، نصيرآباد، ڪوهلو ايجنسي، ديرو بگٽي، قلات، خضدار، لس ٻيلو، خاران، مڪران، گوادر ۽ پنجگور آهن. -آثار قديمه- جي جديد ۽ هاڻوڪين کوٽاين مان -بلوچستان- ۾ مهر ڳڙهه ۽ نوشهره ۾ انساني آبادين جا آڳاٽا اهڃاڻ مليا آهن. -تاريخ- جي ابتدائي ورقن مان معلوم ٿو ٿئي ته -بلوچستان- دارا اعظم جي سلطنت جو به حصو رهيو آهي. سڪندراعظم -اتر- هندوستان جي مهم کان پوءِ جڏهن واپس يونان وريو ته هو پنهنجي لشڪر سميت لس ٻيلي ۽ مڪران جي رستي ئي ويو هو. سڪندر جي وفات کان پوءِ -بلوچستان- وارو ملڪ سندس گورنر سيلوڪس جي هٿ هيٺ رهيو. -ان- کانپوءِ باخترين جي تسلط ۾ آيو. نوشيروان عادل جي زماني (577ع- 529ع) ۾ بلوچستان، ساساني سلطنت جو حصو بڻيو .
بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ، -تهذيب- ۽ تمدن، وڻج ۽ واپار توڙي جاگرافيائي حالتن مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم زماني کان سنڌ ۽ -بلوچستان- جا پاڻ ۾ گهاٽا ناتا رهيا آهن، خاص ڪري سبي، ڪڇي، قلات، لورالائي، مڪران، لس ٻيلو ۽ سمورو سامونڊي ساحل، قديم سنڌ جي سياسي، سماجي، تهذيبي، تمدني ۽ اقتصادي اثر هيٺ رهيا آهن. قديم زماني ۾ -بلوچستان- وارو علائقو هڪ طرف واديءِ سنڌ ۽ ٻئي طرف مغربي -ايشيا- جي -ترقي- يافته ملڪن جي وچ ۾ سنگم جي حيثيت رکندو هو. -ان- زماني ۾ مشرق قريب ۽ -ايران- کان ايندڙ اهم رستا -بلوچستان- جي مختلف علائقن مان لنگهندا هئا ۽ واديءِ سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. انهيءَ لحاظ سان -بلوچستان- جو هيءُ ڪوهستاني خطو، قديم زماني کان ٻنهي طرفن جي تهذيبن جي وچ ۾ باهمي ميل جول لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. سبي ۽ ڪڇيءَ واري علائقي تي سنڌ جو سياسي ۽ سماجي تسلط، آڳاٽي زماني کان ثابت ٿئي ٿو. آڳاٽن اهڃاڻن مان -پتو- پوي ٿو ته جڏهن واديءِ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت (450ع کان 642ع) هوندي هئي، -ان- وقت سبيءَ ۽ ڪڇيءَ وارو علائقو به هن گهراڻي جي حڪومت جي حدن ۾ شامل هو. راءِ سهيرس جي حڪومت جون حدون -اوڀر- ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ سامونڊي ساحل تائين ۽ -اتر- ۾ ڪوهه ڪردان يعني ڪردن جي پهاڙن ۽ ڪيڪانان تائين پکڙيل هيون. قلات، ساراوان ۽ جهالاوان جون رياستون هن سرحد ۾ اچي ٿي ويون. 642ع ۾ جڏهن چچ -برهمڻ- سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ -برهمڻ- گهراڻي جي راڄ جو پايو وڌو، تڏهن هن مڪران کان وٺي ڪرمان تائين، ۽ قنڌار کان وٺي هيٺ، پنهنجيءَ حڪومت جي سرحدن جا قلعا مضبوط ڪرايا. اهڙيءَ طرح محمد -بن قاسم- جي سنڌ تي فتح واري عرصي (712ع) تائين، هيءُ خطو (سبي- ڪڇي) سنڌ جي حڪومت جي سرحدن ۾ شامل هوندو هو. سنڌ جي عباسي گورنر هشام -بن- عمر تغلبيءَ جي زماني ۾ گنداوا تي چڙهي آيو. اتي جي حاڪم کي هٽائي، اتي جو انتظام درست ڪيائين ۽ سارو ملڪ منصوره جي حڪومت جي تلسط هيٺ رکيائين. قطب الدين جي وفات کان پوءِ التمش جي دهليءَ واري راڄ جي زماني (607هه/ 1210ع) ۾، ناصرالدين قباچه سنڌ ۾ آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو. -ان- وقت سبي ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا سندس قبضي هيٺ هئا. سمن جي دؤر (1351ع کان 1521ع) ۾ سندن حڪومت جون حدون -اتر- ۾ سبيءَ تائين هيون. اهو سڄو علائقو سندن قبضي ۾ هوندو هو. ڄام نندي جي حڪومت (914هه/ 1508ع) تائين سبيءَ وارو خطو سنڌ سان شامل هوندو هو. 1470ع ۾ هرات جي سلطان، حسين مرزا پنهنجيءَ حڪومت جون حدون ڪوئيٽا تائين وڌايون ۽ پشين ۽ سبيءَ وارا علائقا -امير- شجاع الدين ذوالنون -ارغون- جي حوالي ڪيا. -امير- ذوالنون جي مرڻ کانپوءِ شاهه بيگ ارغون، حڪومت جون واڳون سنڀاليون. سندس ڏينهن ۾ محمد خان شيبانيءَ (خراسان جي حاڪم) قنڌار تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. شاهه بيگ، محمد خان شيبانيءَ ڏانهن پنهنجا -ايلچي- موڪليا ۽ اطاعت جو اظهار ڪيائين. محمد خان انهيءَ تي راضي ٿي واپس موٽي ويو. -ان- کان پوءِ هڪ پاسي شاهه اسماعيل صوفي ثاني، ته ٻئي پاسي -بابر بادشاهه- زور هئا. شاهه بيگ کي اچي خوف ورايو. انهيءَ ڪري 917هه/ 1511ع ۾ سيويءَ (سبي) تي حملو ڪيائين. هو جڏهن سيويءَ جي ٻاهران پهتو، تڏهن قلعي کي گهيرو ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سيويءَ تي سلطان پيرولي برلاس جي اولاد جو قبضو هو ۽ ٽي هزار -بلوچ- جوان قلعي جا نگران هئا. هن حملي ۾ شاهه بيگ کي فتح نصيب ٿي .
شاهه بيگ اتي مرزا عيسيٰ -ترخان- کي مقرر ڪري پاڻ قنڌار موٽي ويو. 924هه/ 1518ع جي آخر ڌاري شاهه بيگ -ارغون- سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سلطان علي -ارغون- ۽ زيبڪ -ترخان- کي سبيءَ (سيويءَ) جي قلعي تي محافظ مقرر ڪري، ٽي هزار سوار ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ڪامياب ڪونه ٿيو. هن ٻيهر حملو ڪيو. آخر 11 محرم 927 هه/ 1520ع تي شاهه بيگ -ٺٽي- ۾ فاتح جي حيثيت ۾ داخل ٿيو. 22 شعبان، سال 928 هه/ 1522ع ۾ شاهه بيگ -ارغون- وفات ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ، مرزاشاهه حسن -ارغون- حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن 1523ع ۾ مير افضل ڪوڪلتاش جي فرزند کي سبيءَ تي پنهنجو نواب مقرر ڪري موڪليو. اهڙيءَ طرح ارغونن کانپوءِ -ترخان- گهراڻي جي حڪومت تائين يعني مرزا -جاني- بيگ جي راڄ تائين، سبيءَ وارو خطو سنڌ جي حڪومت هيٺ رهيو. جڏهن مغل فوجن، -اڪبر بادشاهه- جي ڏينهن ۾، مرزا -جاني- بيگ کي شڪست ڏيئي، سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن -بکر- جي سرڪار وارو سڄو علائقو ملتان صوبي سان ملايو ويو ۽ سبيءَ جو انتظام -بکر- سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. اتي مغل فوج جا 1500 گهوڙي سوار ۽ 1500 پيادا سپاهي رکيا ويا. ميان يارمحمد ڪلهوڙي پنهنجي دؤر ۾ سبيءَ ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا سنڌ سان شامل ڪيا. ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي حاڪم ٿيڻ وقت، سبيءَ ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا سنڌ جي سرحد ۾ شامل هئا. ميان نورمحمد اتي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. ميان نورمحمد سنڌ جي سرحدي پرڳڻي، چانڊڪا جو -تخت- گاهه لاڙڪاڻي کي بنايو، اتي ڪچو قلعو پڻ اڏايائين ۽ مٿس توپون رکائي، ڏهه هزار لشڪر شاهه بهاري جهنجهڻ جي نگرانيءَ هيٺ مقرر ڪيائين. جڏهن ميان صاحب وفات ڪئي، تڏهن وصيت نامي ۾ ڪڇيءَ وارو علائقو پنهنجي پٽ ميان محمد مرادياب خان کي ڏنو هئائين. ٽالپرن جي دؤر حڪومت (1783ع- 1843ع) ۾ جڏهن سنڌ کي -ٽن- حصن ۾ ورهايو ويو، تڏهن سبيءَ ۽ ڪڇيءَ وارا علائقا خيرپور وارن ٽالپرن جي حڪومت جو حصو رهيا. حيدرآباد واري مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ، خيرپور جي مير رستم خان، پنهنجي رياست پنهنجن پٽن ۾ ورهائي. -ان- وقت خيرپور رياست جون حدون هي هيون: -اتر- ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اڀرندي طرف -ٿر- ۽ جيسلمير تائين، الهندي ڏي ڪڇي ۽ گنڌاوا تائين ۽ ڏکڻ طرف نوشهري تائين. مير سهراب خان، افغانن جا ڪي پرڳڻا پڻ هٿ ڪيا، -جن- کي ’مغلي‘ سڏيندا هئا. هن حاڪم بلوچن جا به ڪي پرڳڻا هٿ ڪيا، -جن- کي ’بڙديڪ‘ چوندا هئا. مير سهراب خان 1830ع ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت موجب سندس ملڪ خيرپور کي سندس ٻن پٽن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ۽ سندس -ٽن- ڀائٽين مير محمد حسن خان -بن- مير رستم خان، مير محمد خان -بن- مير غلام حيدر خان ۽ مير نصير -بن- مير مبارڪ خان جي وچ ۾ ورهائي ڏنو ويو. هن سموري بيان مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سبيءَ ۽ ڪڇيءَ جا علائقا قديم زماني کان سنڌ جي حڪومت جو حصو رهيا آهن، تنهنڪري انهن علائقن ۾ سنڌي زبان کي نه فقط وڌڻ ۽ ويجهڻ جو وجهه مليو، پر انهن خطن ۾ سنڌي زبان مادري زبان طور پڻ ڳالهائجڻ لڳي .
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ -بلوچستان- ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون هونديون هيون، جهڙوڪ: قلات، لس ٻيلو، مڪران، گوادر ۽ ڍاڍر وغيره. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ جيتوڻيڪ -بلوچستان- به نئين ملڪ جو صوبو بڻيو، پر -ان- جي پنهنجي -اسيمبلي- نه هئي. انتظامي لحاظ کان -بلوچستان- سنڌ سان ڳنڍيل رهيو. ون يونٽ ٽٽڻ (1970ع) کان پوءِ -بلوچستان- باقاعدي الڳ انتظامي صوبو بڻيو. هينئر -بلوچستان- هڪ الڳ ۽ مستقل صوبو آهي. -بلوچستان- جو اڪثر علائقو جابلو آهي، تنهنڪري هتي گرمين ۾ سخت گرمي ۽ سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. ڪجهه علائقن ۾ ته ٻارهن ئي مهينا سيءُ هوندو آهي. -بلوچستان- ۾ وڏي ۾ وڏي جابلو چوٽي ’ڪوهه سليمان‘ آهي، جيڪا 12 هزار فوٽ اوچي آهي. -بلوچستان- ۾ درياهه -اوڀر- طرف کان آهن، جنهنڪري زرعي پيداوار انهيءَ طرف ٿيندي آهي. زرعي پيداوار ۾ اڪثر جانور، تماڪ، مڪائي ۽ ڪڻڪ اُپائي ويندي آهي. معدني لحاظ کان، پهريون ڀيرو -بلوچستان- ۾ 1887ع ۾ -تيل- جا کوهه لڌا ويا. هن وقت ڪافي هنڌن تي -تيل- کان سواءِ ڪوئلو به لڌو وڃي ٿو. 1952ع ۾ سبيءَ جي هڪ ڳوٺ ”سوئي“ مان گئس لڌي وئي، جيڪا -پاڪستان- جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پائيپ لائين وسيلي پهچائي وئي آهي. هڪ اندازي موجب -ان- علائقي ۾ اٽڪل 10 کرب -ٽن- گئس موجود آهي. -ان- کان سواءِ -بلوچستان- مان ڪروم، سنگ مرمر، سُرمو ۽ شيشو به لڌو ويو آهي. -بلوچستان- ۾ گهريلو صنعتون به -ترقي- ڪري رهيون آهن. -بلوچستان- جي سامونڊي ڪناري تي سون مياڻي، -اور- ماڙا، ڪلمت، پسڻي، جيوني ۽ گوادر جهڙا بندر، -بلوچستان- جا سنڌ سميت ٻاهرين ملڪن سان تجارتي تعلقات قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. -بلوچستان- سان سنڌ جا گهرا لاڳاپا رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪراچيءَ ۽ جيڪب -آباد- وارا علائقا -بلوچستان- سان لڳو لڳ هئڻ سبب، سنڌ ۽ -بلوچستان- جا نه صرف تجارتي، پر سياسي ۽ ثقافتي تعلق به مضبوط ٿيا آهن. سنڌي ۽ -بلوچ- ماڻهن جي مزاج ۾ تمام گهڻي هم آهنگي هئڻ سبب سنڌ ۽ -بلوچستان- هڪ ٻئي کي تمام ويجها رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جا تعلقات مضبوط ٿيندا رهن ٿا. 1955ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ ماهر ڊاڪٽر ”هينري فيلڊ“ پنهنجي مضمون “West Pakistan Anthropological Survey” ۾ ڌار ڌار ٻولين جي في سيڪڙي جي -باري- ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، انهن موجب -بلوچستان- جي 9 ضلعن مان 5 ضلعن ۾ 30 سيڪڙو سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. -ان- کان پوءِ 1961ع واري آدمشماريءَ موجب -بلوچستان- ۾ 9 ضلعن مان 7 ضلعن ۾ سنڌي -ٻولي- ڳالهائيندڙ هئا. لسانيات جا ماهر چون ٿا ته -بلوچستان- صوبي اندر سڀني خطن جي ماڻهن جي رابطي جي زبان سنڌي آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بلوچستان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بلوچستان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


صوبو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بلوچستان
بيڪانير


.....صوبو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن