بُلو. سي. راڻي

بُلو. سي. راڻي

بلو سي راڻي

بُلو. سي. راڻي: ڳائڻو ۽ سنگيتڪار، جيڪو 9 مئي 1920ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ فلمن جهڙوڪ: ’اباڻا‘، ’راءِ ڏياچ‘ ۽ ’اڃا ته مان ننڍڙي آهيان‘ کانسواءِ ڏهن کان مٿي هندي فلمن، جهڙوڪ: ’جوگن‘، ’مغرور‘، نظاري‘، ’غريبي‘ ۽ ’مڌر ملن‘ وغيره ۾ سنگيت ڏنائين. ڳائڻي جي حيثيت ۾ سندس بيشمار گيت ڳايل آهن. آل انڊيا ريڊيو ۽ دوُر درشن تان گهڻائي دفعا شرڪت ڪيل اٿس ۽ ”هزماسٽرس وائيس“ پاران گيتن جا انيڪ رڪارڊ ڀرايل اٿس. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي ممبئيءَ ۾ سڪونت پذير هو. ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو آهي .


لفظ بلو سي راڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو