داخلا ؛ 3249
پڙهيو ويو ؛ 312
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-20


تصويرون


makhdoom-bilawal-(painting).jpg
مخدوم بلاول جي علامتي تصوير
مخدوم بلاول جي علامتي تصوير



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بلاولي تحريڪ

ٽائيٽل ؛ بلاولي تحريڪ


شاخ : ادارو

بلاولي تحريڪ: مخدوم -بلاول- شهيد، محب وطن، -انسان- دوست، هڪ وڏو -بهادر- -انسان- ٿي گذريو آهي (وڌيڪ ڏسو: مخدوم بلاول). سمن جي دور ۾، ڌارئين حملي آور حاڪم شاهه بيگ -ارغون- ۽ ساٿين جي خلاف سنڌ جي محب وطن حاڪم ڄام نظام الدين سمي سنڌ جي عوام سان گڏجي پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ مزاحمتي -جنگ- شروع ڪري ڏني، جنهن جي اڳواڻي مخدوم -بلاول- جهڙي جوڌي ۽ عالم شخص ڪئي هئي. شاهه بيگ -ارغون- ڏٺو ته جيڪڏهن هن ملڪ جي وڏي عالم ۽ ولي -الله- مخدوم -بلاول- کي تڪڙو گرفتار ڪري مارائبو ته سنڌ ۾ عوامي غصو ۽ تحريڪ -باهه- ٻاري ڇڏيندي. -ان- ڪري هن هڪ سازش ذريعي ويڪائو ۽ درٻاري مُلن کان مخدوم -بلاول- جي خلاف فتوا ڪڍرائي، کيس لوهي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو.
مخدوم -بلاول- جي شهادت کانپوءِ سندس ساٿين، خليفن، صوفين سڳورن ۽ سنڌ جي -بهادر- عوام تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا، پر سنڌ جي محب وطن بزرگن ۽ عوام دٻجڻ ۽ شڪست قبولڻ بدران پنهنجي جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏيو. انهن ڌارين ظالم حڪمرانن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو تسلط ۽ حڪومت اٽڪل پوڻا 200 ورهيه رهي، پر سندن حڪومت جي هر ڏينهن، هن امن پسند سرزمين تي تشدد جي -بازار- گرم رهي ۽ سندن ظلمن سان سنڌ جون تاريخون -ڀريون- پيون آهن. ارغونن جي قبضي کي -ان- وقت جي شاعرن ”خرابيء سنڌ“ سان تعبير ڪيو هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي پوڻن ٻن سئو ورهين واري دور ۾ سنڌين کي صفحئه هستيءَ -تان- ميٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. مخدوم -بلاول- جي حريت پسند ساٿين ۽ خليفن وڏيءَ همت ۽ دليريءَ سان اِن بربريت جي دور ۾ سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏنو ۽ ”بلاولي تحريڪ“ جي جهنڊي هيٺ وطن جي سلامتيءَ جي -جنگ- -جاري- رکي. اهڙن مکيه ماڻهن ۾ سيد حيدر شاهه سنائي، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم ميان مٺو عرف رڪن الدين ٺٽوي، مخدوم عثمان هنڱورو گچيرائي، مخدوم سعد عرف ملان ساند بلاولي، مخدوم حسن لاکو عرف مخدوم -بلاولي- ڀاڻوٺي، بيبي راڻي رُونجهي (محرابپور واري) ۽ مخدوم سخي ڄام ڏاتار شامل هئا. هن تحريڪ دوران ارغونن جي حامي سيد ميران محمد جونپوريءَ کي سيد حيدرشاهه سنائيءَ، موجوده سن شهر وٽ 15 -جنوري- 1443ع ۾ ”درياهي جنگ“ ۾ شڪست ڏني ۽ کيس -افغانستان- ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. -بلاولي تحريڪ- صرف سمن جي دور تائين محدود نه رهي، پر سنڌ جي محقق عبدالواحد -آريسر- جي -تحقيق- مطابق اُها مغل دور تائين -جاري- رهي. اها جدوجهد ۽ اها تحريڪ سندس لفظن ۾ دريا خان جي شهادت واري سال (1520ع) ۽ مخدوم -بلاول- جي جدوجهد سان شروع ٿي، 1739ع ۾ جڏهن -ٺٽي- مان آخري مغل گورنر نڪتو، اُن وقت تائين هلي. انهيءَ جدوجهد يعني -بلاولي تحريڪ- وارن 200 سالن کي هو ”مخدوم -بلاول- جون صديون“ سڏي ٿو. هن تحريڪ جو اثر سنڌ تي اڄ تائين قائم آهي. سائين جي. ايم. سيد جي جدوجهد -ان- -بلاولي تحريڪ- جو پڙاڏو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بلاولي تحريڪ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بلاولي تحريڪ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن