داخلا نمبر 2406
عنوان بغداد
شاخ شهر
پڙهيو ويو 624 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
نقشو

نقشو

بغداد

بَغداد: موجوده عراق جي گاديءَ جو شهر. اصل ۾ ٻئي عباسي خليفي جعفر بن منصور جو، عراق ۾ دجله درياهه جي ڪناري تي ٻڌايل شهر، جيڪو عباسي سلطنت جي گاديءَ ۽ مشرقي اسلامي تمدن ۽ تهذيب جو مرڪز ٿيو. اهڙي عاليشان ۽ دنيا جي مرڪزي شهر کي خليفي ”معتصم بالله“ جي عهد ۾ سال 656هه/ 1258ع ۾ هلاڪو خان منگول حملو ڪري، اهڙي ته ظالماڻي نموني بيدرديءَ سان تباهه ۽ برباد ڪيو، جو بغداد جو نالو ”بغداد جي تباهيءَ“ جي مفهوم ۾، بمعنيٰ ”ظلم“ ۽ ”قهر“ مشهور ٿي ويو. سنڌ جو بغداد سان قديم دؤر کان گهاٽو سٻنڌ رهندو پيو اچي. عرب اسلامي دؤر ۾، جڏهن سنڌ ۾ عربي ٻولي عام فهم ٿي ته سنڌ جا بغداد سميت اسلامي سلطنت سان تمدني تعلقات قائم ٿيا. سنڌ جا عرب گورنر، خود علم ادب جا ڪوڏيا هئا. بعد ۾ عرب ملڪن مان وڏا عالم، سياح ۽ سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ ايندا رهيا. انهيءَ ئي عرب اسلامي دؤر ۾ سنڌي قبيلا بغداد پهتا. عباسين جي دؤر ۾ امام ابراهيم سنڌ ۾ آيو ۽ ان هتي اچي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي. جيئن ته ان وقت بغداد عباسي خلافت جي گاديءَ جو هنڌ هو، تنهنڪري سنڌ ۽ بغداد جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سنڌ مان ڪپڙي جا واپاري، صراف ۽ موسيقار وغيره بغداد وڃڻ لڳا. سنڌ جو ڪپڙو، خاص طور تي عورتن جا روا ۽ رنگين پوتيون بغداد ۾ مشهور ۽ مقبول ٿيون. انهيءَ کان سواءِ سنڌ جي سرازن جا ٺهيل موزا ۽ سليپر به تمام گهڻو معروف ٿيا ۽ بغداد جون امير عورتون انهن کي شوق سان استعمال ڪرڻ لڳيون. سنڌ جي عرب گورنرن معرفت ان وقت جا مشهور عرب شاعر مطيع بن اياس، الصمة بن عبدالله القشيري وغيره سنڌ ۾ آيا ته سنڌي نسل جا شاعر ابوعطا سنڌي، عياض سنڌي ۽ ابوالضلع سنڌي وغيره پنهنجي اعليٰ عربي شاعريءَ سبب اسلامي ملڪن ۾ مشهور ٿيا. ان ئي وقت سنڌي زبان جو هڪ شاعر برمڪي وزيرن جي شان ۾ هڪ قصيدو ٺاهي بغداد پهتو، جنهن تي کيس اعزاز ۽ انعام مليو. برمڪين سنڌ مان ڪيترائي عالم ۽ پنڊت بغداد گهرايا، جن کي اتي اعليٰ عهدن تي رکيو ويو. ساڳيءَ طرح بغداد مان به ڪيترائي عرب عالم سنڌ ۾ آيا. سال 377هه/ 987ع ڌاري بغداد جي مشهور دانشور ۽ محقق ابن النديم، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت تحقيق ڪري ”الفهرست“ نالي مشهور ڪتاب لکيو. سنڌ ۽ بغداد جي تمدني تعلقاتن بابت سنڌ جي پسارڪن وکرن جا نالا بغداد تائين پهتا. بغداد جي عالمن خود انهن سنڌي وکرن تي تحقيق ڪئي. سنڌ جا بغداد سان صوفياڻا ۽ روحاني تعلقات ته قديم دؤر کان رهندا پئي آيا. دائود طائي، معروف ڪرخي، شيخ سري سقطي، جنيد بغدادي، ابوبڪر شبلي، عبدالواحد تميمي، ابوالحسن هنڪاري، ابوسعيد مبارڪ مخزومي، سيد عبدالقادر جيلاني، شيخ سيف الدين عبدالوهاب ۽ سيد صفي الدين صوفي وغيره، بغداد جا وڏا صوفي ۽ بزرگ هئا. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفين ۽ درويشن انهن کان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح فيض ورتو ۽ سنڌ ۾ مٿين بزرگن وسيلي سيد محمد بقا، پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ، حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ واري ۽ مولانا تاج محمود امروٽي وغيره دين جي تبليغ ڪئي. سنڌ ۾ صوفين جي سرتاج حضرت شاهه عنايت شهيد جا وڏا به اصل بغداد جا چيا وڃن ٿا، جيڪي پوءِ لڏي اچي اُچ شريف ۾ ويٺا (ان وقت اُچ سنڌ جي سرحدن ۾ شامل هو). پير عبدالقادر جيلاني بغداديءَ جي نالي پٺيان سنڌ ۾ قادري سلسلو شروع ٿيو. سنڌ ۾ قادري سلسلي سان وابسته صوفي درگاهون اڪثريت ۾ آهن ۽ اهي سڀئي بغداد جي گاديءَ جا پوئلڳ آهن. سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ به بغداد جو ذڪر ملي ٿو. ڏهين صدي هجريءَ ۾ بغداد مان هڪ بزرگ شاهه خيرالدين، سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. هو قادري طريقي جو بزرگ هو. هو 911هه/1505ع ڌاري بغداد ۾ ڄائو ۽ 1027هه/ 1617ع ۾ سکر ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون آهي. ان کان اڳ 1422ع ۾ سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هڪ بزرگ شيخ يوسف الدين بغداد مان سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ڪيترائي هندو لوهاڻا مسلمان ڪيائين. اڄ به سنڌ جا ماڻهو زيارتن لاءِ بغداد ويندا آهن، جتي اُهي ٻين بزرگن زيارتن کان علاوه امام اعظم رحه، امام موسيٰ ڪاظم، امام يوسف، بهلول دانا ۽ ملڪه زبيده جي مزارن جي زيارت تي به وڃن ٿا. آمريڪا پاران مڙهيل جنگ کان پوءِ هن وقت بغداد تباهيءَ جو شڪار ٿيل شهر آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’عراق‘ )


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڀڻاهه
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون