بشير قريشي

بشير قريشي

بشير خان قريشي

بشير خان قريشي: قومپرست اڳواڻ خان قريشي'>بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رتيديري ۽ شڪارپور مان حاصل ڪرڻ بعد 1976ع ۾ هن سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. ان دؤران هن شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شامل ٿيو. 1978ع ۾ پھريون ڀيرو کيس ٽنڊي ڄام پوليس گرفتار ڪيو، 1980ع ۾ جساف ٽنڊي ڄام يونٽ جو صدر ٿيو ۽ ٻن سالن کانپوءِ اُن جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو. کيس 1981ع ۾ هڪ سال لاءِ يونيورسٽي انتظاميا رسٽيڪيٽ ڪيو. 1990ع ۾ کيس ٻيھر جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا دؤران، 17 آگسٽ 1984ع تي، ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿين خالي شاگردن مٿان گوليون هلائي پنج شاگرد شھيد ڪيا. مرڪزي قيادت جي گرفتاري کانپوءِ تنظيم جون سموريون ذميواريون بشير خان جي حوالي ٿيون. ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي 15 جنوري 1985ع تي کيس رتيديري مان گرفتار ڪري، مختلف ٿاڻن تي رکي مٿس ٽارچر ڪيو ويو. فوجي عدالت کيس ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال قيد ۽ 10 ڦٽڪن جي سزا ڏني. سزا ڪاٽڻ بعد هو آگسٽ 1986ع ۾ آزاد ٿيو. 11 آگسٽ 1988ع تي لساني فسادن بعد کيس ٻيھر گرفتار ڪيو ويو ۽ هُو 18 مھينن تائين جيل ۾ رهيو. 2 جنوري 1994ع تي کيس ٻيھر گرفتار ڪري ٻن سالن تائين قيد رکيو ويو. 1995ع ۾ جي. ايم. سيد جي چاليھي وقت جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ ٺھيو ته عبدالواحد آريسر ڪنوينر ۽ بشير خان ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ٿيا. 1996ع ۾ جسقم جو جنرل سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي ان جو چيئرمين چونڊيو ويو. سندس تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”جاڳيا جُنگ جوان“ ڇپيل آهي. خان قريشي'>بشير خان قريشي 7- اپريل 2012ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين رتيديري ۾ ٿي. سندس شخصيت ۽ سياسي جدوجهد بابت ڏهه کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.


لفظ بشير خان قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.08.10  عيسوي

بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.


2012.04.07  عيسوي

بشير خان قريشي 7 اپريل 2012ع ۾ وفات ڪري ويو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز سومرو
اختر علي جي قاضي
امجد حسين شاهه جيلاني
آنند هنڱوراڻي
بشير خان قريشي
ايشور داس
آدم خان رند
امداد علي اعواڻ
الاهي بخش سومرو
آصف بالادي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون