بشير بيوس اوٺو

بشير بيوس اوٺو

بشير بيوس اوٺو

بشير ”بيوس“ اوٺو: بشير احمد ولد نٿو خان اوٺو، ڳوٺ رج تل، تعلقي مٺيءَ ۾ 16 جولاءِ 1965ع تي ڄائو. انٽر تائين تعليم ورتائين. ميرپورخاص ايليمينٽري ڪاليج مان پرائمري ماستريءَ جو ڪورس ڪري، پرائمري ماستر ٿيو. ”سنڌي ادبي سنگت جهڏي“ ۾ ميمبر طور ڪم ڪيائين. شاعريءَ جي حوالي سان معمور يوسفاڻي سندس اُستاد هو. سندس اوطاق تي مسڪين ماروئڙن جا انبوهه هوندا هئا. پاڻ وس ۽ وت آهر انهن سان اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندو هو. هر سال ”جشن لطيف“ منعقد ڪري سنڌ جي اديبن، سماجي، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي گهرائيندو هو. ”بيوس“، ٿر جي مظلوم طبقي ۾ بيداريءَ جي لهر پيدا ڪئي. هو هڪ مخلص، ديانتدار ۽ باڪردار انسان هو. هن شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ وائيءَ جي صنفن تي شاعري ڪئي سندس ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي. هن پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي ادبي ميڙاڪا ڪوٺايا. هيءُ نوجوان گردن جي بيماريءَ ۾ 2 جولاءِ 1998ع تي گذاري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.16  عيسوي

بشير احمد ڳوٺ رج تل، تعلقي مٺيءَ ۾ 16 جولاءِ 1965ع تي ڄائو.


1998.07.02  عيسوي

بشير بيوس اوٺو 2 جولاءِ 1998ع تي گذاري ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم عطا ٺٽوي
عظيم الدين عظيم ٺٽوي
شاهه احمد غوري
انور ڪاڪا
بلند فقير سولنگي
عاشق هالائي
آندل فقير
شبنم موتي
دريا خان فقير
پروانو ميراجي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون